Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
عبادت لاءِ سَندِرو ٻڌي ڇڏيندا هئا.([1])
امام نووي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: عبادت لاءِ سندرو ٻڌڻ جو مطلب هي آهي ته رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم عام ڏينهن ۾ جيتري عبادت ڪندا هئا، رمضان شريف ۾ ان کان وڌيڪ عبادت فرمائيندا هئا. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! هي اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، جن جو هڪ هڪ عمل ئي عبادت آهي، بلڪه سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته اوهان جي ادائن کي اختيار ڪرڻ ئي حقيقت ۾ عبادت آهي. پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن جو ڪو به لمحو، ڪو به سيڪنڊ اهڙو ناهي، جيڪو مَعاذَ اللہ فضول گذريو هجي، ان جي باوجود پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم رمضان شريف ۾ عبادت وڌائي ڇڏيندا هئا. هي اسان لاءِ سبق آهي، اسان کي به گهرجي ته جڏهن رمضان شريف اچي ته بس عبادت لاءِ سندرو ٻڌي ڇڏيون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي.
آگیا رمضاں عبادت پر كمر اب باندھ لو فیض لے لو جلد كہ دن تیس كا مہمان ہے ([3])
حضرت وَہْب بن مُنبہ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: بني اسرائيل جو هڪ شخص هو، جيڪو ڏاڍو عبادت گذار هو، هو ضرورت موجب حلال روزي ڪمائيندو هو ۽ باقي وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪابه مزدوري نه ملي، ايتري تائين جو وٽس کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو، هڪ ڏينهن هو ڪم ڳولڻ لاءِ گهران نڪتو، جڏهن کيس ڪوبه ڪم نه مليو ته سوچيائين ته هلو! الله پاڪ جي عبادت ڪريان ٿو. جيئن ته هو درياء جي ڪناري تي آيو، وضو ڪيائين ۽ سڄو ڏينهن عبادت ۾ گذاريائين. شام ٿي ته هٿين خالي گهر واپس آيو، ڪمايو ته ڪجهه نه هئائين پر جڏهن گهر وارن کانئس پڇيو ته وراڻيائين مان اڄ بيحد ڪريم مالڪ وٽ مزدوري ڪري آيو آهيان، هو مون کي