Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

مطلب ته رمضان المبارڪ ۾ ڪيترن ئي بزرگن جا عرس ٿيندا آهن،
تنهنڪري ڪوشش ڪيو ته انهن سڀني بزرگن جا ڏينهن ملهايو!
انهن جي وصال جي ڏينهن تي گهرن، دڪانن تي ايصالِ ثواب جو اهتمام ڪريو! قرآن خواني ڪرايو!

جيڪڏهن الله پاڪ توفيق عطا فرمائي ته انهن ڏينهن ۾ غريبن، مسڪينن کي افطار ڪرايو! اهو به ٿي سگهي ٿو ته هر روز افطار وقت هڪ دفعو سوره فاتحه، ٽي دفعا سوره اخلاص پڙهي سڀني بزرگن ۽ نيڪ ماڻهن کي ايصالِ ثواب ڪري ڇڏجي.  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪين جو ثواب به وڌي ويندو ۽ جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته انهن بزرگن جي نظرِ عنايت به نصيب ٿي ويندي. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

Top of Form

Bottom of Form

عطيات جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!   *  ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. * تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظرہ، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا ويندا آهن * جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) جي طلبا جو تعداد 5 لک 30 هزار کان وڌيڪ آهي. * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين تقريباً 74 هزار 887 مدارس المدينه بالغان و بالغات قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ پڙهندڙن جو تعداد تقريباً 4 لک 26   هزار کان وڌيڪ آهي. * فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ذريعي تقريباً 24 هزار طلبا و طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. * هن وقت تائين تقريباً 21 دارالافتاء   اهلسنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد  هر ماهه اوسطاً   20 هزار آهي. * المدينة العلميه  (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) (Islamic Research Center)    جي ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم ڪيو ويندو آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هن شعبي تحت هن وقت تائين