Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

لڳايو ويندو آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ گهوڙي سوار 500 سالن تائين سفر ڪندو رهي. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  الله پاڪ جي رحمت تي قربان وڃجي! رمضان شريف ۾ صرف هڪ سجدو ڪرڻ تي 1500  نيڪيون ملنديون آهن، جنت ۾ ڳاڙهي ياقوت جو محل ٺاهيوويندو آهي ۽ جنت ۾ ايڏو وڏو وڻ لڳايو ويندو آهي جنهن جي ڇانو ۾ گهوڙي سوار 500 سالن تائين  ھلندو رهي. هن مان اهي ماڻهو سبق حاصل ڪن، جيڪي مَعَاذَ اللہ! تراويح نه پڙهندا آهن يا پڙهندا ته آهن پر 20 رڪعتون پوريون نه پڙهندا آهن. غور ته ڪيو! نمازِ تراويح جون 20  رڪعتون آهن، جن ۾ 40  سجدا ٿين ٿا، يعني جيڪو 20  رڪعتون تراويح پڙهندو، ان کي الله پاڪ جي رحمت سان 60  هزار نيڪيون ملنديون، جنت ۾ 40 وڻ لڳايا ويندا ۽ 40  جنتي محل عطا ڪيا ويندا، هي ته صرف سجدن جو ثواب آهي. قيام، رڪوع، نمازِ تراويح ۾ قرآن پاڪ ٻڌڻ، ايتري دير مسجد ۾ رهڻ جو ثواب ان کان علاوه آهي. جيڪي نادان  8 رڪعتون تراويح پڙهي گهر هليا ويندا آهن، اهي 36 هزار نيڪين، 24 جنتي محلن ۽ 24 جنتي وڻن کان محروم ٿي ويندا آهن ۽ جيڪي 12 رڪعتون پڙهي ٿڪجي پوندا آهن، اهي 24  هزار نيڪين، 16 جنتي محلن ۽ 16 جنتي وڻن کان محروم رهجي ويندا آهن. هي ته فقط حديث پاڪ ۾ بيان ڪيل ظاهري تعداد مطابق حساب آهي، الله پاڪ جي رحمت ڏانهن ڏٺو وڃي ته 20  رڪعتون مڪمل پڙهڻ وارن جي خوش نصيبي ۽ جيڪي اڌوريون تراويح پڙهي هليا ويندا آهن، انهن جي محرومي جو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي.

بھائیو! بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں                                                     پڑ گئے دوزَخ پہ تالے، قید میں شیطان ہے

بھائیو! بہنو! گُنَاہوں سے سبھی توبہ کرو                                                         خُلد کے دَر کھل گئے ہیں داخِلہ آسان ہے   ([2])

(3): تلاوتِ قرآن

رمضان شريف جي ٽين اهم عبادت آهي: تلاوتِ قرآن۔ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رمضان شريف ۾ ڪثرت سان تلاوت فرمائيندا


 

 



[1]...  شعب الایمان،باب فی الصیام ،جلد:3 ،صفحہ:314 ،حدیث:3635۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:706۔