Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
اَبرِ رحمت چھاگیا ہے اور سماں ہے نُورنُور فضلِ ربّ سے مغفرت كا ہوگیا سامان ہے([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! رمضان شريف تشريف فرما ٿي رهيو آهي، هي هڪ مهينو الله پاڪ جي نالي ڪري ڇڏيو* دنياداري به هلندي ئي رهندي آهي* ڪمائڻ، کائڻ به ٿيندو ئي رهندو آهي* اسان جون مصروفيتون به جاري رهنديون آهن، هي سڀ زندگيءَ جو حصو آهي. ڪاش! اسان هڪ مهينو يعني رمضان شريف صرف ۽ صرف نيڪ عملن لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. هن مهيني ۾ بس عبادت ئي ڪرڻي آهي، نيڪيون ئي ڪمائڻيون آهن. اسان هيءُ هڪ مهينو نيڪ عملن لاءِ وقف ڪري ڇڏيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان سڄو سال بلڪه پوري زندگي بلڪ جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته آخرت به سنورجي ويندي.
حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي هڪ ادا
الله پاڪ جا نبي آهن حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام . اهي اعليٰ رتبي وارا نبي، جن کي الله پاڪ طُور جبل تي گهرائي پاڻ سان همڪلامي جو شرف عطا فرمايو.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي شان وارا نبي آهن! جڏهن بدبخت فرعون پنهنجي قوم سميت درياءِ نيل ۾ ٻُڏي ويو، ان کان پوءِ الله پاڪ حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام کي حڪم فرمايو: اي موسى! ڪوھِ طُور تي اچو! اتي رهي روزا رکو! بني اسرائيل جا 70 ماڻهو به پاڻ سان گڏ وٺي اچو! توهان کي توريت شريف عطا ڪيو ويندو. حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام حڪم تي عمل ڪيو، 70 ماڻهن کي پاڻ سان گڏ ورتائين ۽ طُور جبل ڏانهن روانا ٿي ويا.
هاڻي هتي حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام جو مبارڪ انداز نهايت حسين ۽ پيارو هو. پاڻ انهن 70 ماڻهن کي فرمايائون: مان ڪوھِ طُور تي تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو آهيان، توهان منهنجي پويان پويان اچي وڃجو. ايئن چئي پاڻ تيزيءَ سان ڪوھِ طُور تي پهچي ويا، الله پاڪ فرمايو:
وَ مَاۤ اَعْجَلَكَ عَنْ قَوْمِكَ یٰمُوْسٰى(۸۳) (پارہ:16، سورۀ طه:83)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ اي موسيٰ توکي پنهنجي قوم کان ڪهڙي شيءِ جلدي ۾ مبتلا ڪيو؟