Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان شريف ڪيئي بُزرگن جي به ياد ڏياري ٿو. مثلاً * 3 تاريخ تي شهزاديءِ ڪونين، اُمُّ السّادات، حضرتِ سيده، طيبه، طاهره، عابده، زاهده، خاتونِ جنت، اُمُّ الحسنين فاطمةُ الزَهرا رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو يومِ وصال آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! پاڻ وڏي شان واريون آهن، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کين پنهنجي جگر جو ٽڪڙو فرمايو.[1] ۽ سندن تمام گهڻا فضائل بيان فرمايا آهن.
دُخْترِ مصطفےٰ سیدہ فاطمہ! زوجۂ مرتضیٰ سیدہ فاطمہ!
صالحہ، پارسا سیدہ فاطمہ! طیبہ طاہرہ سیدہ فاطمہ!
عابِدہ، زاہِدہ سیدہ فاطمہ! صابِرَہ، شاکِرَہ سیدہ فاطمہ!
* اهڙي طرح 3 رمضان المبارڪ تي مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو به عرسِ پاڪ ٿيندو آهي.* 29 شعبان تي مرحوم نگرانِ شوريٰ حاجي مشتاق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو وصال جو ڏينهن آهي. * 10 رمضان المبارڪ تي مسلمانن جي پياري اَمي جان، حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو وصال آهي. * 17 رمضان المبارڪ تي سيده عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو وصال ٿيو. * 19 رمضان المبارڪ تي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شهزادي حضرت رقيه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو وصال ٿيو. * 21 رمضان المبارڪ تي مسلمانن جي چوٿين خليفہ، مولاءِ ڪائنات، حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو وصال ٿيو. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ کُنْتُ مَوْلَاہُ فَعَلِیٌّ مَوْلَاہُ جنهن جو مان مولا (يعني محبوب ۽ مددگار) آهيان، ته پوءِ هي علي به ان جو مولا (يعني محبوب ۽ مددگار) آهن.
عاشِقِ مصطفےٰ مرتضیٰ! مرتضیٰ! سیّدُ الْاَوْلیا مرتضیٰ! مرتضیٰ!
بالیقیں دِلَیْر ہیں مرتضیٰ! مرتضیٰ! اپنے رَبّ کے شیر ہیں مرتضیٰ! مرتضیٰ!