Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا كُتِبَ عَلَیْكُمُ الصِّیَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ(۱۸۳) (پارہ:2، سورۀ بقرہ:183)
ترجموڪنزالعرفان؛ ته توهان مان جيڪو هي مهينو ماڻي ته ضرور ان جا روزا رکي.
ميدانِ محشر ۾ روزيدارن جا مزا هوندا
حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ روايت ڪن ٿا ته غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن روزيدارن جي وات مان مشڪ جي خوشبو اچي رهي هوندي، انهن لاءِ عرش جي ڇانوَ ۾ هڪ دسترخوان لڳايو ويندو، روزيدار ان دسترخوان تان کائي پي رهيا هوندا، جڏهن ته ماڻهو حساب ڪتاب جي مشقت ۾ مبتلا هوندا. ([1])
تراویح اور نمازوں میں کمی ہو گی نہ روزوں میں کرو مل کر یہ نیّت ماہِ رمضان آنے والا ہے
نبی کے عشق میں روؤں، مدینے کے لئے تڑپوں خُدا دے سوز و رِقَّت ماہِ رمضان آنے والا ہے
رہوں قائِم میں توبہ پر، خُدا فضل ایسا کر گُنَاہوں سے دے نفرت ماہِ رمضان آنے والا ہے
رمضان شريف جي ٻي اهم عبادت، جيڪا رمضان شريف ۾ ئي ڪئي ويندي آهي، اها آهي: نمازِ تراويح. رمضان شريف ۾ تراويح پڙهڻ سنت مؤڪدہ آهي. ([2])
اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو شخص رمضان جي راتين ۾ نماز پڙهندو آهي، الله پاڪ ان جي هر سجدي جي بدلي ۾ ان جي لاءِ 1500 نيڪيون لکندو آهي ۽ ان جي لاءِ جنت ۾ ڳاڙهي ياقوت جو محل تيار ڪندو آهي وڌيڪ فرمايائون: جڏهن به ٻانهو رمضان شريف ۾ رات يا ڏينهن جو سجدو ڪندو آهي ته ان جي هر سجدي جي بدلي ۾ جنت ۾ هڪ اهڙو وڻ