Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان جا اهم نڪتا لکندس * جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين پکيڙڻ جو ثواب ڪمائيندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
مرحبا ...!! ٻيهر رمضان اچڻ وارو آهي
پيارا سلامي ڀائرو! رمضان شريف اچي رهيو آهي. سُبْحٰنَ اللہ! ماههِ رحمٰن اچي رهيو آهي، ها! ها! خوش ٿي وڃو! ماههِ غفران (يعني مغفرت وارو مهينو) اچي رهيو آهي ....!!
مرحبا! صَد مرحبا! پِھر آمدِ رمضان ہے
یاخُدا! ہم عاصیوں پر یہ بڑا احسان ہے کِھل اُٹھے مرجھائے دِل تازہ ہوا ایمان ہے
زندگی میں پِھر عطا ہم کو کیا رمضان ہے ([2])
بس ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * شيطان کي قيد ڪيو ويندو * جنت جا دروازا کوليا ويندا * نيڪ عملن جو قدر ۽ قيمت وڌائي ويندي، نفل جو ثواب فرض جي برابر ۽ فرض جو ثواب 70 ڀيرا وڌايو ويندو * بخشش جون سَنَدون ورهائجڻ لڳنديون * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! روزانو لکين گنهگارن جي بخشش ڪئي ويندي.