Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

انهن شيطاني وسوسن کان بچي، پورو رمضان شريف نيڪين ۾ گذاريون ۽ صرف نيڪيون ئي نيڪيون ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃون.

هڪ تمام قيمتي نصيحت

الله پاڪ جو هڪ تمام پيارو ارشاد آهي، فرمايو ويو:

قُلْ اِنَّمَاۤ اَعِظُكُمْ بِوَاحِدَةٍۚ- (پارہ:22، سورۂ  سبا:46)

ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: مان توهان کي هڪ نصيحت ڪيان ٿو.

يعني هيءَ رڳو هڪ نصيحت آهي ۽ اهڙي باڪمال ۽ بي مثال نصيحت آهي جو صرف ان هڪ ئي نصيحت تي عمل ڪرڻ انسان لاءِ ڪافي آهي. نصيحت ڪهڙي آهي؟ ارشاد فرمايو ويو:

اَنْ تَقُوْمُوْا لِلّٰهِ (پارہ:22، سورۀ سبا:46)

ترجموڪنزالعرفان: ته توهان الله جي لاءِ قيام ڪيو.

يعني اي انسانو...!! غفلت جي ننڊ مان جاڳو! ۽ الله پاڪ جي رضا خاطر همت ڪيو...!! ([1])

ڪيڏي پيارِي نصيحت آهي...!! ماڻهو اٿندا ئي آهن؛ * ڪو پنهنجي حقن لاءِ اٿندو آهي * ڪو غربت ختم ڪرڻ لاءِ اٿندو آهي * ڪنهن کي امير ٿيڻ جو جنون چڙهندو آهي ته همت ڪري مال ڪمائڻ ۾ لڳي ويندو آهي * ڪنهن کي شهرت حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳندو آهي ته ڪڏهن يوٽيوب، ڪڏهن فيس بڪ ۽ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا ذريعا اختيار ڪندو آهي، اسان کي صرف هڪ ئي نصيحت ڪئي وئي آهي هڪ نهايت ئي پيارِي نصيحت الله پاڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ جنوني ٿي وڃو! ۽ همت ڪري بس هن ڪم لاءِ بيهي رهو...!!

اچو ...!! ڀلائي جي طرف

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اسان جي آقا و مولا مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 


 

 



[1]... منازِل السائرین للہروی،صفحہ:11  ماخوذًا ۔