Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

صاحبِ بهارِ شريعت جو نرالو جذبو

      صاحب بهار شريعت مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو واقعو آهي، پاڻ هڪ ڀيرو اجمير شريف ۾ هئا، شديد بيمار ٿي پيا، ايسيتائين جو بيهوشي طاري ٿي وئي، ٻيپهري کان  پهريان بيهوش ٿيا ۽ عصر تائين بيهوش ئي رهيا. حافظ ملت علامه عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خدمت ۾ حاضر هئا، مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي جڏهن هوش آيو ته سڀ کان پهريان اهو ئي پڇيائون ته : ظهر جو وقت آهي يا نه؟ عرض ڪيو ويو: ظهر جو وقت ته ختم ٿي ويو آهي. اهو ٻڌي کين ايتري تڪليف ٿي جو سندن اکيون ڀرجي آيون. حافظ ملت  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عرض ڪيو: ڇا حضور کي ڪا تڪليف آهي؟ فرمايائون: (تمام وڏي تڪليف آهي جو) ظهر جي نماز قضا ٿي وئي. عرض ڪيو ويو: اوهان بيهوش هئا ۽ بيهوشي ۾ قضا ٿي ويل نماز تي پڪڙ نه آهي. (ظاهر آهي بيهوش ماڻهو نماز پڙهڻ جي طاقت ئي نه رکندو آهي ته قضا ٿيڻ ان جي مرضي سان نه آهي، لهٰذا پڪڙ به نه آهي) پر نيڪ ماڻهن جو شان ئي نرالو آهي، پاڻ تڙپي فرمايو: اوهان پڪڙ ٿيڻ (يا نه ٿيڻ) جي ڳالهه ٿا ڪيو، مقرر ٿيل وقت تي دربارِ الٰهي ۾ حاضري کان ته محروم رهيس. ([1])

 میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                                        ہو توفیق ایسی عطا یااِلٰہی!

میں پڑھتا رہوں سنتیں وقت ہی پر                                                            ہوں سارے نوافل ادا یااِلٰہی! ([2])

معرفت جا دروازا کُلڻ جو وقت

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته نمازن سان محبت ڪيون، اسان جون مجبوريون پنهنجي جاءِ تي البته شريعت نماز جو جيڪو وقت مقرر ڪيو آهي، ان جي به پنهنجي اهميت ۽ فضيلت آهي، بارگاههِ الٰهي ۾ حاضري جي مقرر وقت ئي ۾ اسان جي حاضري ٿي وڃي، اسان هڪ وقت جي حاضري کان به محروم نه رهون، ان جي ڀرپور ڪوشش جاري رکڻ گھرجي.

علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: جيئن کاڌي کائڻ جو هڪ وقت هوندو آهي، جيڪڏهن بي وقت کاڌو، کاڌو وڃي ته بدن کي طاقت ڏيڻ جي بجاءِ الٽو بيمار ڪري ڇڏيندو


 

 



[1]...  تذکرہ صدر الشریعہ، صفحہ: 30ملخصاً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ: 102۔