Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
آہ! رمضان اب جا رہا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے
ٹکڑے ٹکڑے مرا دِل ہوا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے
جلد رخصت کا وقت آ گیا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے
سب کو روتا ہوا چھوڑتا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اڃان رمضان المبارڪ جا ڪجھ ڏينهن باقي آهن، اسان کي گھرجي ته انهن کي غنيمت سمجھون، مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو تمام پيارو فرمان آهي ته بَقيَّةُ عُمْرِ الرَّجُلِ لَا ثَمْنَ لَهٗ يعني ماڻهوءَ جي جيڪا پوئتي بچيل زندگي آهي اها انمول آهي. ([2])
واقعي هيءَ حقيقت آهي جيڪي لمحا گذري چڪا اهي ته گذري ويا هاڻي ڪڏهن به موٽي ڪونه ايندا، جيڪي لمحا اسان کي ميسر آهن، اهي انمول آهن، اسان کي گھرجي ته انهن مان فائدو حاصل ڪيون ايندڙ سال رمضان المبارڪ اسان ڏسي سگھنداسين يا نه، اهو ته اسان نه ٿا ڄاڻون تنهنڪري هي جيڪي ڪجھ ڏينهن باقي بچيا آهن، انهن ۾ خوب دل لڳائي نيڪيون ڪري وٺون، هاڻي هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ جي بغير گهڻي کان گهڻيون برڪتون سهيڙي وٺون. اسان وٽ اڃان هڪ طاق (اِڪي) رات يعني اڄ جيڪا رات ايندي، 29 هين رات باقي آهي* ان کان پوءِ لَيْلَةُ الْجَائِزَه (يعني عيد جي چنڊ جي رات) به اچڻي آهي* اها عظيم رات جو پوري ماههِ رمضان ۾ جيترن جي به بخشش ٿي چڪي هوندي آهي، انهن سڀني جي تعداد جي برابر ماڻهن جي بخشش هن هڪ رات ۾ ڪئي ويندي آهي. ([3]) يعني اسان لاءِ موقعا ئي موقعا آهن، بس اسان کي قدر نصيب ٿي وڃي. اسان انهن قيمتي گهڙين مان صحيح معنيٰ ۾ فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم