Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

مناسب هنڌ طئي ڪيو ۽ وڌ کان وڌ عطيا گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

چنڊ  رات تي قافلن ۾ سفر جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو!  رمضان المبارڪ جو مهينو هاڻي چند گهڙين جو مهمان رهجي ويو آهي ۽ جلد ئي اسان کان الوداع ٿيڻ وارو آهي. پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! چنڊ رات جي آمد آمد ٿيندي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هر سال اعتڪاف جي سعادت ماڻيندڙ خوشنصيب اسلامي ڀائر ۽ ٻيا عاشقانِ رسول پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش سان سرشار ٿي، هن رات قافلن جا مسافر بڻجندا آهن. هي ڪم جيتوڻيڪ ڏکيو ضرور آهي  پر ياد رکو! نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ان راهه ۾ مشقتون برداشت ڪرڻ انبياء جي سنت آهي.

*  انبياءِ ڪرام *  صحابه ڪرام *  نيڪ ماڻهو نيڪي جي دعوت ڏيڻ لاءِ گهرن مان نڪرندا هئا. *  دور دراز علائقن تائين هليا ويا، *  هجرتون ڪندا ۽ *  مشقتون برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا. *  اڳين جي قربانين سان ئي اسان تائين دين پهتو آهي. *  توهان به چانڊ رات کان قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون. *  قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي. *  سنتون سيکاريون وينديون آهن. *  نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي. *  قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿيڻ، *  مشڪلاتون ٽرڻ*  بيمارين کان شفا ملڻ جا به سوين واقعا آهن. *  ايئن به ٿيو آهي ته قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائي لاءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف وٺي آيا ۽ شرڪاءِ قافله کي ديدار جو جام پياريو. الله پاڪ اسان عمل جي توفيق عطا فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد