Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

قرآن پاڪ مڪمل تلاوت ڪندا هئا. اهڙي طرح جيڪڏهن رمضان شريف 30 ڏينهن جو هوندو هو ته امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ مهيني ۾ 41 قرآن پاڪ مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  الله پاڪ اسان کي به نمازن ۽ تلاوت جو اهڙو ذوق ۽ شوق نصيب فرمائي. اڃان رمضان شريف  جو هڪ يا ٻه ڏينهن باقي آهن، جيترو ٿي سگهي تلاوت ڪيو! نمازون پڙهو! نوافل جي ڪثرت ڪيو! ۽ امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  کي ايصال ثواب به ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

لیلۃ ُالجائِزہ (چنڊ رات) ۾ عبادت جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! ماههِ رمضان اسان کان جدا ٿي رهيو آهي، ماههِ ذيشان اسان کي ڇڏي وڃي رهيو آهي، هن مبارڪ مهيني جي هر گهڙي رحمت آهي، الله پاڪ جتي اسان کي ليلة القدر جهڙي عظيم رات عطا ڪئي آهي اتي هن مبارڪ مهيني کان فوراً بعد ليلة الجائزه يعني انعام جي رات به عطا فرمائي آهي۔ *  هن رات الله پاڪ پنهنجي رحمتن جو نزول فرمائيندو آهي *  هيءَ مغفرت جي رات آهي *  هيءَ رات پنهنجي رب جي عبادت ڪرڻ جي رات آهي، ته جيڪو شخص هن رات ۾ الله پاڪ جي عبادت ڪندو آهي الله پاڪ ان جي لاءِ جنت واجب ڪري ڇڏيندو آهي. ([2]) *  جيڪو شخص هن رات کي الله پاڪ جي عبادت ۾ گذاريندو الله پاڪ ان جي دل مرده نه فرمائيندو۔ حديث پاڪ ۾ آهي:   جنهن عيدين (يعني عيدالفطر ۽ عيدالاضحى) جي رات ثواب جي نيت سان قيام ڪيو ته ان ڏينهن ان جي دل نه مرندي، جنهن ڏينهن (ماڻهن جون) دليون مري وينديون. ([3]) *  سڀني عاشقان رسول خاص طور تي اعتڪاف ڪرڻ وارن کي گهرجي ته هيءَ رات مسجدن ۾ الله پاڪ جي عبادت ۾ گذارين ڇاڪاڻ ته


 

 



[1]...ہدایۃُ السَّارِی، صفحہ:70  و  72۔

[2]...الترغیب و الترہیب، کتاب العیدین، الترغیب فی احیاء لیلتی العیدین، صفحہ:373، حدیث:2۔

[3]...ابن ماجہ، کتاب الصیام، باب فیمن قام فی لیلتی العیدین، صفحہ:284، حدیث:1782۔