Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
هجي يا سالگره جو فنڪشن * بس ڇڏڻي پئجي وڃي يا سفر روڪڻو پئجي وڃي، هر صورت ۾ نماز کي ان جي وقت ۾ ئي پڙهڻ لازمي آهي، دنيا جو هر ڪم رڪجي سگھي ٿو پر جيستائين شريعت اجازت نه ڏئي، تيستائين نماز کي ان جي وقت کان هٽائڻ هرگز هرگز جائز نه آهي
نمازِ مغرب ۾ دير ڪيائون ته ...
هڪ ڀيرو پير مهر علي شاهه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سفر تي هئا، ڪجهه دوست وغيره به ساڻس گڏ هئا ڪار ۾ سفر ٿي رهيو هو، دوران سفر مغرب جي نماز جو وقت ٿي ويو، پير صاحب فرمايو: گاڏي روڪي نماز مغرب ادا ڪري وٺجي. هڪ صاحب چيو: بس گھر اچڻ ئي وارو آهي، اسان پنهنجي منزل تي پهچي پڙهي وٺنداسين.
سفر جي حالت ۾ جيئن ته جماعت واجب نه هوندي آهي ([1]) ۽ وقت جي اندر اندر ئي منزل تي پهچڻو به هو، جيئن ته اهو ئي طئي ٿيو ته منزل تي پهچي ڪري ئي نماز پڙهجي. اهو سوچي سفر جاري رکيو ويو، اڃان ٿورو ئي اڳتي ويا هئا ته اچانڪ حادثو ٿيو ۽ گاڏي ڪَلٽي ٿي پئي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، سڀ محفوظ رهيا. ان وقت پير مهر علي شاهه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: هي نماز ۾ بغير سبب جي دير ڪرڻ جو وبال آهي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي صحيح ڳالهه آهي، اسان جن ڳالهين کي بهانو بڻائي نمازن ۾ دير ڪندا آهيون ڪهڙي خبر ته نماز ۾ دير جي سبب اسان جا ڪم رڪجي وڃن يا ڪنهن آزمائش کي مُنهن ڏيڻو پئجي وڃي، ان لاءِ اسان کي گھرجي ته جيئن ئي نماز جو وقت ٿئي فوراً نماز باجماعت جو اهتمام ڪيون، ان کان پوءِ وڃي پنهنجن ڪمن ۾ مصروف ٿيون، الله پاڪ چاهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! نماز جي برڪت سان ڪم پورا ٿي ويندا. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم