Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
اميرِ اھلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو تمام پيارو ڪتاب آھي فيضانِ نماز ان ۾ اميراھلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مختلف احاديث ۽ روايتن موجب نماز جا فضائل بيان ڪندي لکن ٿا: * اللہ پاڪ جي خوشنودي جو سبب نماز آھي * مڪي مدني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين جو ٺارُ نماز آھي * انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جي سنت نماز آھي * نماز اونداهي قبر جو ڏيئو آھي * نماز عذابِ قبر کان بچائيندي آهي * نماز قيامت جي گرمي ۾ ڇانوَ آھي * نماز پل صراط تي آساني آھي * نماز نور آھي * نماز جنت جي ڪنجي آھي * نماز جھنم جي عذاب کان بچائيندي آهي * نماز سان رحمت نازل ٿيندي آهي * اللہ پاڪ محشر جي ڏينهن نمازي کان راضي ٿيندو * نماز دين جو ٿنڀو آھي * نماز سان گناھ معاف ٿيندا آهن * نماز دعائن جي قبوليت جو سبب آھي * نماز بيمارين کان بچائيندي آهي * نماز سان بدن کي راحت ملندي آهي * نماز سان روزيءَ ۾ برڪت ٿيندي آهي * نماز بي حيائي ۽ برن ڪمن کان بچائيندي آهي * نماز شيطان کي ناپسند آھي * نماز قبر جي اونداهي ۾ اڪيلائي جو ساٿي آھي * نماز نيڪين جي پلڙي کي وزني بڻائيندي آهي * نماز مومن جو معراج آھي * نماز جو وقت تي ادا ڪرڻ سڀني عملن کان افضل آھي ۽ نمازي جي لاءِ سڀ کان وڏي نعمت اھا آھي ته ان کي قيامت جي ڏينهن اللہ پاڪ جو ديدار ٿيندو. ([1])
ہر عبادت سے بَرتر عبادت نَماز ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز
قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز ہے مریضوں کو پیغامِ صِحّت نَماز
نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ ربّ سے دلوائے گی تم کو جنت نَماز ([2])