Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
فرمان آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1) ماڻهوءَ جو خاموشي تي قائم رهڻ 60 سالن جي عبادت کان بهتر آهي. ([1])
اي عاشقان رسول! گهٽ ڳالهائڻ سنت مصطفيٰ آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نهايت خاموشي وارا هئا. ([2]) پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بغير ضرورت جي ماڻهن سان ڪلام نه فرمائيندا هئا، هِند بن ابو هاله رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو بيان آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بنا ضرورت جي گفتگو نه فرمائيندا هئا بلڪه اڪثر خاموش ئي رهندا هئا. ([3]) خاموشي مان مراد آهي: دنياوي ڳالهين کان خاموشي، ٻي صورت ۾ حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زبان مبارڪ الله پاڪ جي ذڪر ۾ مشغول رهندي هئي. ([4])
پيارا اسلامي ڀائرو! * خاموشي حڪمت آهي* گهٽ ڳالهائڻ سان عقل ڪامل ٿيندو آهي * گهٽ ڳالهائڻ عبادت جي ڪنجي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عبادت جي لذت نصيب ٿيندي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عزت، وقار، ۽ علم ۾ اضافو ٿيندو آهي * جيڪو بنا ضرورت ڳالهائڻ کان بچي، اهو شيطان تي غالب رهندو آهي. الله پاڪ اسان کي به گهٽ ڳالهائڻ، صرف ضرورت جي ڳالهه وات مان ڪڍڻ ۽ فضول بڪ بڪ ڪرڻ کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
یا ربّ نہ ضرورت کے سوا کچھ کبھی بولوں اللہ زباں کا ہو عطا قفل مدینہ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتةالمدينه جي بہارِ شريعت جلد:3، حصو:16، ۽ اميرِ اہلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو 91 صفحن