Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

جڏهن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا ته ظاهر آهي هتي ڪم ڪار به ڪرڻا پوندا هئا، حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  ٻني ٻارو ڪندا هئا، دنيا ۾ نئون نئون قيام هو، گهڙيون، الارم وغيره جهڙيون سهولتون ان وقت ميسر نه هيون، تنهنڪري انهن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! اهڙي صورت ٿئي جو جڏهن نماز جو وقت ٿي وڃي ته مونکي ڪنهن طرح خبر پئجي وڃي ته جيئن مان سڀ ڪم ڇڏي نماز ۾ مصروف ٿي سگهان. ان وقت الله پاڪ ڪُڪُڙ عطا فرمايو. جڏهن نماز جو وقت ٿيندو هو ته ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو هو.([1])

سُبْحٰنَ اللہ! يعني دنيا جو سڀ کان پهريون الارم ڪُڪُڙ آهي ۽ اهو ڇا جي لاءِ آيو ته جيئن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  کي نمازن جي وقتن کان خبردار رکي سگهي.

ڪڪڙ جڏهن ٻانگ ڏني

 حضرت عبدالله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي اڳيان  هڪ ڪڪڙ ٻانگ ڏني ته هڪ شخص چيو: اي الله! ان تي لعنت ڪر. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: هن تي لعنت نه ڪيو ۽ هن کي برو نه چئو، بيشڪ هي نماز لاءِ سڏيندو آهي. ([2])

حضرت علامه ڪمال الدين دميري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ڪڪڙ نماز لاءِ سڏيندو آهي. ان جي معنى اها نه آهي ته  جڏهن به اهو ٻانگ ڏئي نه اهو سمجهيو وڃي ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي پر ڪڪڙ جي فطرت ۾ اها ڳالهه آهي ته اهو طلوعِ فجر جي وقت بار بار آواز (يعني ٻانگ) ڏيندو آهي جنهن جي ڪري ماڻهو نماز لاءِ اٿندا آهن ۽ اهڙي طرح  ڪڪڙ نماز لاءِ ماڻهن جي جاڳڻ جو هڪ ذريعو آهي، ان کي مرادي طور تي دُعَاءُ الدِّیْکِ اِلَی الصَّلٰوۃِ (يعني ڪڪڙ نماز لاءِ سڏيندو آهي) چيو ويو آهي. بهرحال فجر جي وقت جي  مُتعلق ان جي اذان يعني ٻانگ تي ڀروسو هرگز نه ڪيو وڃي ڇو ته گهڻن تجربن سان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته انسانن جو اٿڻ ويهڻ ۽ سندن پيرن جي چاپ ٻڌي صبح صادق کان پهريان به ڪڪڙ ٻانگ ڏيڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. ([3])


 

 



[1]...  تاریخ الخمیس، المقدمۃ، جلد:1، صفحہ:102-103۔

[2]...  معجم کبیر، جلد:5، صفحہ:11، حدیث:9675۔

[3]...  حیاۃ الحیوان، جلد:1، صفحہ:479 ملخصاً۔