Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ذِڪرِ خير

پيارا اسلامي ڀائرو! پهرين شوال شريف (يعني عيد الفطر جي ڏينهن) عالَم اسلام جي عظيم شخصيت، تمام وڏا عالم دين، محدث، نيڪ، عبادت گذار، ولي ڪامل حضرت امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن کي ماڻهو امام بخاري جي نالي سان سڃاڻيندا آهن، انهن جو عرس پاڪ ٿيندو آهي. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 13 شوال شريف 194 هجري تي بخارا ۾ پيدا ٿيا. ([1]) ۽ 62 سالن جي عمر گذاري پهرين شوال شريف 256 هجري تي هن فاني دنيا مان رخصت ٿيا. ([2]) سندن مزار پرانوار سمرقند جي ويجهو خَرْتَنْک نالي وسَندي ۾ آهي.([3]) امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سڄي زندگي علم حديث جي خوب خدمت ڪئي، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڏا عبادت گذار، زاهد ۽ متقي هئا، امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وفات کان پوءِ به ڪافي عرصي تائين سندن قبر شريف مان مشڪ کان به وڌيڪ سٺي خوشبو ايندي رهي. ([4])

امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جو شوقِ تِلاوت

هڪ ڏينهن امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نماز پڙهي رهيا هئا، ان دوران ماکيءَ جي مک کين 17 جاين تي ڏنگ هنيا، نماز مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: ڏسو ته ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا نماز ۾ مون کي تڪليف پهچائي رهي هئي؟ شاگردن ڏٺو ته سندن مبارڪ پٺي 17 جاين تان سُجيل هئي. امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ماکيءَ جي مک جي 17 جاين تي ڏنگڻ جي باوجود به نماز نه ٽوڙڻ بابت فرمايو: مان هڪ آيت جي تلاوت ڪري رهيو هئس ۽ منهنجي اها خواهش هئي ته مان هيءَ آيت پوري ڪري وٺان.

امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو معمول هو ته پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه رمضان شريف ۾ هڪ قرآن پاڪ نماز تراويح ۾ مڪمل فرمائيندا هئا، پوءِ نماز تهجد ۾ هر 3 ڏينهن ۾ هڪ قرآن مڪمل ڪندا هئا ۽ سحري کان افطاري تائين هر روز هڪ


 

 



[1]...ہدایۃُ السَّارِی، صفحہ:49۔

[2]...ہدایۃُ السَّارِی، صفحہ:179۔

[3]...ہدایۃُ السَّارِی، صفحہ:177۔

[4]...ہدایۃُ السَّارِی، صفحہ:178۔