Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

نماز  مقرر وقت ۾  فرض آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز اسان تي وقت مقرر ڪيل فرض آھي. پارو: 5، سورة نساء، آيت:103 ۾ اللہ پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّ الصَّلٰوۃَ  کَانَتْ عَلَی الْمُؤْمِنِیْنَ  کِتٰبًا مَّوْقُوْتًا (۱۰۳)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ نماز مسلمانن تي مقرر وقت ۾ فرض آهي.

تفسير صراط الجنان ۾ آھي: (معلوم ٿيو) نماز جا وقت مقرر آھن تنھنڪري لازم آھي ته انھن وقتن جو خيال ڪيو وڃي. ([1])

5  نمازن جو ذڪر قرآن ڪريم ۾

   ڪجھ ماڻھو ھي سوال پڇندا آھن ته ڇا قرآن ڪريم ۾ پنجن ئي نمازن ۽ انھن جي وقتن جو ذڪر موجود آھي؟ اهو سوال ھڪ ڀيرو سُلطانُ الْمُفَسِّرِيْن، حضرت عبد اللہ بن عبّاس رَضِیَ اللهُ عَنْہما کان به پڇيو ويو ھو. ڪنھن عرض ڪيو: ڇا قرآن ڪريم ۾ 5 نمازن جا وقت بيان ڪيا ويا آھن؟ فرمايائون: ھا! قرآن ڪريم جي ٻن آيتن ۾ پنجن نمازن جا وقت گڏ ڪيا ويا آھن. پوءِ پاڻ سيپارو : 21، سورت رُوم جي آيت: 17 ۽ 18 تلاوت فرمائي:

فَسُبْحٰنَ اللّٰہِ  حِیْنَ تُمْسُوْنَ وَ حِیْنَ تُصْبِحُوْنَ (۱۷)وَ لَہُ الْحَمْدُ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ عَشِیًّا وَّ  حِیْنَ  تُظْہِرُوْنَ (۱۸)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ الله جي پاڪائي بيان ڪيو جڏهن شام ڪيو ۽ جڏهن صبح ڪيو ۽ انهيءَ جي لاءِ تعريف آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ ان وقت جڏهن ڏينهن جو ڪجهه حصو باقي هجي ۽ جڏهن توهان منجهند (ٻيپهري) ڪيو.

  پوءِ حضرت عبداللہ بن عبّاس رَضِیَ اللهُ عَنْہما فرمايو: (ھن آيت ۾ تسبيح مان مراد نماز آھي ۽) *  شام جي تسبيح مان مراد نمازِ مغرب ۽ عشاء آھي   *  صبح جي تسبيح مان مراد نمازِ فجر آھي *  جڏھن ڏينھن جو ڪجھ حصو


 

 



[1]... صراط الجنان، پارہ: 5، سورۃ النساء، زیر آیت: 103، جلد: 2، صفحہ: 292۔