Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

وقت تجارت ۽ ڪم ڪار ڪرڻ وارا پنهنجو ڪم سميٽڻ جي تياري شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ هي وقت تجارت جي خوب فروغ جو وقت هوندو آهي، ماڻهو ڪم ڪار کان فارغ ٿي پنهنجين ضرورتن مطابق خريداري ڪندا آهن، تنهنڪري حڪم ٿيو: نماز عصر پڙهي سموري ڏينهن جي تجارت ۽ ڪم ڪار جو شڪر به ادا ڪيو ۽ ڏينهن جي پڄاڻي به بهتر ڪري وٺو*  سج لهڻ سان ڏينهن جو اختتام ٿيو، رات جي شروعات ٿي وئي، تنهنڪري سڄي ڏينهن جو شڪر ادا ڪرڻ ۽ رات جي شروعات بهتر ڪرڻ لاءِ نماز جو حڪم ڪيو ويو *  پوءِ رات پوري طرح ڇانئجي وئي، هاڻي سمهڻ جو وقت ٿيو آهي، ننڊ جيڪا هڪ قسم جو موت آهي، ان جي شروعات ٿي رهي آهي، تنهنڪري حڪم ٿيو: عشاء جي نماز پڙهي سمهو! متان اها اوهان جي آخري ننڊ هجي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته زندگيءَ جو خاتمو سٺو ٿي ويندو، جيڪڏهن اها  آخري ننڊ نه هوندي ته رات سٺي نموني گذري ويندي ۽ صبح جو تازو توانو اٿڻ نصيب ٿيندو. ([1])

5   نمازن جي الڳ الڳ فضيلت

حضرت ڪعبُ الاحبار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون توريت شريف جي ڪنهن حصي ۾ پڙهيو (الله پاڪ فرمائي ٿو): *  اي موسى! فجر جون 2 رڪعتون احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۽ سندس امت ادا ڪندي، جيڪو انهن کي پڙهندو، ان جا ان ڏينهن ۽ رات جا سڀ گناهه بخشي ڇڏيندس ۽ هو منهنجي ذمي ۾ هوندو *  اي موسى (عَلَیْهِ السَّلَام )! ظهر جون 4 رڪعتون احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۽ سندس امت پڙهندي، انهن کي پهرين رڪعت جي بدلي ۾ معافي ڏيندس، ٻيءَ جي بدلي ۾ انهن جي (نيڪين جو) پلڙو ڳرو ڪندس، ٽينءَ جي لاءِ فرشتا مقرر ڪندس ته تسبيح (يعني الله پاڪ جي پاڪائي) بيان ڪندا رهندا ۽ انهن جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪندا رهندا ۽ چوٿينءَ جي بدلي ۾ انهن جي لاءِ آسمان جا دروازا کولي ڇڏيندس، وڏين وڏين اکين واريون حورون انهن تي شوق مان نظرون وجهنديون *  اي موسى (عَلَیْهِ السَّلَام )! عصر جون 4 رڪعتون احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۽ سندس امت ادا ڪندي ته ستن آسمانن ۽ زمين ۾ ڪو به فرشتو باقي نه بچندو سڀئي انهن


 

 



[1]... رسائلِ نعیمیہ، اسرار الاحکام، صفحہ:283۔