Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
حضرت ابراهيم نَخَعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم فرمائن ٿا: بزرگانِ دين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم اعتڪاف ڪرڻ واري جي لاءِ هن ڳالهه کي پسند فرمائيندا هئا ته عيدالفطر جي رات مسجد ۾ ئي گذاري. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! رَمَضانُ الۡمُبارڪ کان بعد شوال المڪرم جي آمد آمد آهي. خوش نصيب مسلمان هن مهيني ۾ عيدالفطر کان پوءِ 6 روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. اچو! انهن روزن جا فضائل ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جو هي روزا رکڻ ۽ انهن جي برڪتن کان فيضياب ٿيڻ جو ذهن بڻجي، جيئن ته * حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ 6 شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ايئن نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي.[2] جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دهر يعني سڄي عمر جوروز رکيو.[3] خليلِ ملّت حضرتِ علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادِري برڪاتي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب معلوم ٿئي ٿو. [4]
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! * هزارين مدرسا ۽ جامعات قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ لکين طلبا و طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن * المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر)