Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
باقي ھجي، ان وقت جي تسبيح مان مراد نمازِ عصر آھي ۽ * ٻپھري جي تسبيح مان مراد ظھر جي نماز آھي. ([1])
جنگ جي حالت ۾ به نماز جي اهميت
معلوم ٿيو ته نمازن جا وقت مقرر آھن ۽ ھر نماز کي ان جي مقرر ڪيل وقت ۾ ئي پڙھڻ لازم ۽ ضروري آھي. ھڪ به نماز جو وقت گذاري ڇڏڻ يعني نماز قضا ڪرڻ تمام سخت گناھ آھي. ([2]) ٻانهي کي ڪيڏي به مجبوري ھجي، جيسيتائين شريعت اجازت نه ڏئي، نماز کي ان جي وقت کان ھٽائڻ، مثلاً ھي سوچڻ تہ ھاڻي مصروف آھيان، ظھر جي نماز عصر جي وقت پڙھي وٺندس، مغرب جي نماز عشاء جي وقت پڙھي وٺندس، هي انداز ھرگز ھرگز جائز نه آھي.
ھڪ ڀيرو جنگ جو موقعو ھو غير مسلمن پاڻ ۾ سازش ڪئي ته عصر جو وقت ٿيڻ وارو آھي، مسلمانن کي نماز تمام گهڻي پياري آھي جڏهن ھي نماز پڙھندا ته ان وقت اسان انھن تي حملو ڪنداسين. اھا انھن سازش ڪئي، هوڏانهن اللہ پاڪ حضرت جبريل امين عَلَیْهِ السَّلَام کي موڪليو، پنجين سيپاري جون آيتون نازل ٿيون، ان ۾ اللہ پاڪ نمازِ خوف جو پورو طريقو ٻڌايو ته جڏھن اهڙو معاملو پيش اچي وڃي، ان وقت 2 ٽولن ۾ ورھائجي وڃو! ھڪ ٽولو جماعت ۾ شامِل ٿي، امام سان گڏ ھڪ رڪعت پڙھي، ٻيو ٽولو دشمن سان مقابلو ڪندو رھي، پوءِ پھريون ٽولو دشمن جي مقابلي تي اچي وڃي ۽ ٻيو ٽولو امام سان گڏ جماعت ۾ شامِل ٿي وڃي. ([3]) ھي ھڪ پورو طريقو آھي جيڪو قرآن ڪريم ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي، ھن مان توھان اندازو لڳايو ته نماز کي ان جي وقت جي اندر ئي پڙھڻ ڪيترو ضروري آھي. حالتِ جنگ ۾ به ظھر ۽ عصر يا مغرب ۽ عشاء گڏ ڪري پڙھڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
خبر پئي ته چاهي ڪيتري به مجبوري هجي* مٿي ۾ سور هجي يا بخار هجي * ڊاڪٽر سان ملڻو هجي يا ضروري شاپنگ ڪرڻي هجي * عيد هجي يا تهوار هجن * شادي هجي يا جنازي ۾ شرڪت ڪرڻي هجي * افطار پارٽي