Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
وڻ جي هڪ خشڪ ٽاري کي پڪڙيو ۽ ان کي لوڏو ڏنائون، ٽاري جيئن ته خشڪ هئي ۽ ان جا پن به سڪل هئا، تنهنڪري لوڏو ڏيڻ سان ان جا پن ڇڻي ڪِري پيا. پاڻ فرمايائون: اي ابوعثمان! ڇا مون کان نه پڇندين ته مون ائين ڇو ڪيو؟ مون عرض ڪيو: فرمايو! اوهان ائين ڇو ڪيو؟ فرمايائون: هڪ ڀيرو مان سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هڪ وڻ جي هيٺان بيٺو هيس، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ايئن ئي ڪيو، ان وڻ جي هڪ خشڪ ٽاري کي پڪڙي لوڏايو، ايستائين جو ان جا پن ڇڻي ڪِري پيا، پوءِ فرمايائون: اي سلمان! ڇا تون مون کان نه پڇندين ته مون ائين ڇو ڪيو؟ مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو! ائين ڇو ڪيو؟ فرمايائون: بيشڪ جڏهن مسلمان چڱِي طرح وضو ڪندو آهي ۽ پنج ئي نمازون ادا ڪندو آهي ته ان جا گناهه ائين ڇڻندا آهن، جيئن هي پن ڇڻي رهيا آهن. ([1])
میرے نبی کی آنکھوں کی راحت نماز ہے کوثر ہے، دل کا چین ہے جنت نماز ہے
کرتے رہو وضو تو یہ جھڑتے رہیں گناہ پاکیزگیِ جاں کی علامت نماز ہے
نیکی سے روکتی ہیں بری عادتیں ہمیں اور جو گناہ سے روکے وہ عادت نماز ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي خوش نصيب عاشقانِ نماز! نماز اسان گنهگارن لاءِ تمام وڏي نعمت آھي * منھنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: نمازِ پنج وقته اللہ پاڪ جي اھا نعمتِ عظميٰ آھي جيڪا ھن پنھنجي خاص مهرباني سان خاص اسان کي عطا فرمائي آهي ۽ اسان کان پهريان ڪنھن به امت کي نه ملي آهي. ([2]) * ياد رکو! ھر مسلمان عاقِل بالغ مرد ۽ عورت تي روزانو 5 وقت نماز فرض آھي. ان جي فرضيت (يعني فرض ھجڻ) جو انڪار ڪفر آھي. جيڪو ڄاڻي واڻي ھڪ نماز به ترڪ ڪري (يعني ڇڏي ڏي) اھو فاسِق، سخت گناھگار ۽ عذابِ نار جو حقدار آھي. ([3])
جنت اے بے نَمازیو! کس طرح پاؤ گے؟ ناراض رب ہوا تو جہنم میں جاؤ گے