Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

نماز وقت گذاري پڙهڻ جو   وبال

  ياد رکو! نماز کي ان جي وقت کان هٽائڻ يعني قضا ڪرڻ انتهائي سخت گناهه آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: 

فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِہِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوۃَ

  (پارہ: 16، سورۂ مریم: 59)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق ماڻهو آيا جن نمازون ضايع ڪيون.

صحابئ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: ان جو هي مطلب ناهي ته اهي ماڻهو بلڪل نماز ئي نه پڙهندا هئا پر مطلب هي آهي ته اهي ماڻهو نماز جو وقت گذاري نماز پڙهندا هئا يعني قضا ڪري پڙهندا هئا. ([1]) 

الله ۽ رسول جي ذمّي کان بري

الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو ڄاڻي واڻي هڪ نماز ڇڏي، ن کان الله پاڪ ۽ سندس رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذمّو ختم ٿي ويندو. ([2]) 

اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جنهن ڄاڻي واڻي هڪ وقت جي نماز ڇڏي اهو هزارين سال جهنم ۾ رهڻ جو حقدار ٿي ويو، جيستائين توبهه نه ڪري ۽ ان جي قضا نه ڪري. ([3]) 

بي نمازي جي لاءِ 3 شامتون

 منقول آهي: قيامت جي ڏينهن نمازن ۾ سستي ڪرڻ وارو اهڙي حال ۾ ايندو جو ان جي پيشاني تي 3 سٽون لکيل هونديون:  (1) اي الله جو حق برباد ڪرڻ وارا! (2) اي الله جي غضب سان مخصوص! (3) جيئن دنيا ۾ تو الله پاڪ جو حق ضايع ڪيو، تيئن تون به اڄ الله پاڪ جي رحمت کان مايوس ٿي وڃ. ([4]) 


 

 



[1]... تفسیر درمنثور، پارہ:16، سورۂ مریم، زیرِ آیت:59، جلد:5، صفحہ:526۔

[2]... مسند امام احمد،جلد:11، صفحہ:271، حدیث:28126 ۔

[3]... فتاویٰ رضویہ ،جلد:9،صفحہ:158 بتصرف قلیل۔

[4]...الزواجر،الکبیرۃ السابعۃ و السبعون،جلد:1 ،صفحہ:256۔