Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

نمازن جي وقت جو خيال رکو!

  پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جيئن ته وقت مقرر ڪيل فرض آهي، لهٰذا اسان کي گهرجي ته نمازن جي وقت جو خيال رکون. حضرت ابو درداء رَضِیَ اللهُ عَنْہُ دوستن کي فرمايو: جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان ضرور قسم کڻندس، پوءِ فرمايائون: الله جو قسم! جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، بيشڪ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ سڀني ٻانهن  کان وڌيڪ عظمت وارا اهي ماڻهو آهن جيڪي رات ڏينهن سج ۽ چنڊ جو خيال رکندا آهن.  دوستن عرض ڪيو: اي ابو درداء! ڇا ان مان مراد مؤذن آهن؟ فرمايائون: جيڪو به مسلمان نماز جي وقتن جو خيال رکندو آهي. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته جيڪو ماڻهو نماز جي وقتن جو خيال رکندو آهي، الله پاڪ وٽ ان جي وڏي عزت آهي. اسان کي گهرجي ته ان جو خيال ڪيون، نماز جي وقتن جي معلومات رکڻ پنهنجي عادت ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، اسان کي اها معلومات هجڻ گهرجي ته اڄڪلهه ڪهڙي نماز جو وقت ڪڏهن شروع ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن ختم ٿئي ٿو *  دعوت اسلامي جي هڪ موبائل ايپلي ڪيشن آهي: PrayerTime (اوقات الصلاة) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو! ان ۾ پنجن ئي نمازن جا وقت ۽ ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن وقت بوقت ان کي ڏسندا رهو *  اهڙيَء طرح محلي جي مسجد جتي اسان نماز پڙهندا آهيون، آفيس ويندا آهيون ته آفيس جي ويجهو مسجد ۾ جماعت جا وقت ڪهڙا آهن، ڪهڙي وقت جي نماز جي جماعت ڪيتري بجي ٿيندي آهي، اهو سڀ ڪجهه پنهنجي معلومات ۾ رکو، پوءِ انهيءَ جي مطابق پنهنجو شيڊيول ترتيب ڏيندا ڪيو.

دنيا جو سڀ کان پهريون الارم

روايتن ۾ آهي: الله پاڪ جا نبي ۽ اسان سڀني جا والد حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  


 

 



[1]...  کتاب الثقات  ، جلد:4، صفحہ:330، حدیث:4799۔