Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
* رمضان شريف جو مبارڪ مهينو جاري آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چينل تي روزانو عصر ۽ تراويح جي نماز کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائي رهيا آهن. سڀئي ذميدار ۽ عاشقان رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو* شيخ طريقت، امير اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي رسالو”امير اهلسنت علماءِ اهل سنت جي نظر ۾ “ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن رضاءِ الٰهي ۽ ثواب ڪمائڻ جي لاءِ هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪن! * مڪتبة المدينه پيش ڪري رهيو آهي..!! نماز عيد جون فضيلتون ۽ مسئلا ڄاڻڻ لاءِ رسالو بنام نماز عيد جو طريقو ۽ عيد درست انداز ۾ گذارڻ جي حوالي سان تمام معلوماتي رسالو ” مٺي عيد ۽ مٺيون ڳالهيون “ توهان اهي ٻئي رسالا مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 15/15 روپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو! پاڻ به مطالعو فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ نبيءِ پاڪ، صاحب لولاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ سنت بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدار رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي تنهن مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ منهنجي سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا