Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
* الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
الوداع الوداع ماههِ رمضان ...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ئي ڏينهن پهريان جي ڳالهه آهي، عاشقانِ رمضان منتظر هئا ته رمضان شريف اچڻ وارو آهي * رمضان شريف جي تياري ڪئي پئي وئي * پنهنجو وقت نيڪين ۾ گذارڻ وارا خوش نصيب عاشقانِ رمضان پنهنجو شيڊول ٺاهي رهيا هئا ته رمضان شريف ڪيئن گذارڻو آهي؟ ان جي لاءِ پهريان ئي هدف مقرر ڪيا پئي ويا * عاشقانِ رمضان جون دليون بيتاب هيون * پوءِ الله پاڪ جي ڪرم سان، ان جي فضل سان هڪ ڏينهن آيو* روح کي مهڪائڻ وارو هڪ آواز ڪنن ۾ پيو: مبارڪ هجيوَ...!! رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي * هي اعلان ٻڌندي ئي دليون خوشيءَ سان جهومڻ لڳيون * مسجدن ۾ بهار اچي وئي* تلاوت جا شوقين تلاوتِ قرآن ۾ مصروف ٿي ويا * سحري ۽ افطاري ۾ رونقون ٿيڻ لڳيون * ڏسندي ئي ڏسندي عشرهءِ رحمت پنهنجون برڪتون لٽائيندو گذري ويو* پوءِ عشرهءِ مغفرت شروع ٿيو* خوش نصيبن کي ربِ رحمان و رحيم جي بارگاهه مان بخشش جي خيرات ملي * رمضان شريف جي قدردانن عشرهءِ مغفرت جون برڪتون حاصل ڪيون* پوءِ جلد ئي عشرهءِ مغفرت به رخصت ٿي ويو* ان سان گڏ ئي جهنم کان آزادي جو ڏهاڪو اچي ويو* اعتڪاف ڪرڻ وارا ٽولين جون ٽوليون ٿي مسجدن ڏانهن آيا * اعتڪاف جون رونقون لڳي ويون * افسوس! هاڻي ماهِه رمضان جو هي آخري عشرو به اختتام ڏانهن وڌي رهيو آهي، افسوس! صد افسوس! عنقريب، بس ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ ماههِ رمضان اسان کان رخصت ٿي ويندو.