Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

پڑھتے رہو نَماز تو جنت کو پاؤ گئے                                        چھوڑو گے گر نَماز جہنم میں جاؤ گے

معراج جي رات عذاب ۾ ڏٺو

رسول هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معراج جي رات انهن ماڻهن وٽ تشريف فرما ٿيا جن جا مٿا پٿرن سان چِٿيا پئي ويا، جڏهن به انهن کي چٿيو پئي ويو ته اهي ٻيهر پهريان وانگر درست ۽ سالم ٿي پئي ويا ۽ هي سلسلو ايئن ئي هلندو رهيو، ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: اي جبرائيل! هي ڪير آهن؟ عرض ڪيو ويو: هي اهي ماڻهو آهن جن جا مٿا نماز پڙهڻ کان ڳرا ٿي ويندا هئا (يعني هي فرض نماز ڇڏي ڏيندا هئا). ([1])   

پيارا اسلامي ڀائرو! ٿڌيءَ دل سان ٿورو نه پر پورو سوچيو! غور ڪيو! اڄ جيڪڏهن مٿي ۾ معمولي ڌڪ لڳندو آهي ته ماڻهو تڙپي پوندو آهي پر ڌڪ لڳڻ ته پري جي ڳالهه آهي جيڪڏهن صرف مٿي ۾ سور ئي پئجي وڃي ته ننڊ اڏامي ويندي آهي، زندگي بي مزي لڳڻ لڳندي آهي. پوءِ سوچيو ته جيڪڏهن نمازون قضا ڪرڻ جي صورت ۾ اسان جو نازڪ مٿو فرشتن پٿرن سان چٿڻ شروع ڪيو ته اسان جو ڇا ٿيندو! ڪاش! ڪاش! ڪاش! سڀ مسلمان پڪا نمازي بڻجي وڃن.  

توفیق دے الٰہی مجھے تو نماز کی                                                 صدقے میں مصطَفٰے کے بنے خو نماز کی

بي حساب جنت ۾ داخلا

سردارِ مڪه، تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: الله پاڪ ڏينهن ۾ 5 نمازون فرض ڪيون آهن، جيڪو به انهن کي ادا ڪري ۽ ناحق انهن کي ضايع نه ڪري، ته الله پاڪ وٽ ان لاءِ واعدو آهي ته الله پاڪ ان کي جنت ۾ داخل ڪندو. ([2]) 


 

 



[1]... مسند بزار، جلد:17، صفحہ:5، حدیث:9518۔

[2]...  مسند فردوس، جلد:3، صفحہ:171، حدیث:4455۔