Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
آهي، اهڙيءَ طرح دل (جي خوراڪ يعني ان) تي، معرفت جا دروازا کلڻ جو به هڪ خاص وقت هوندو آهي ۽ 5 نمازون جيڪي فرض آهن، اهي عين انهن ئي وقتن ۾ فرض آهن، جڏهن دل تي انوار ۽ تجليون وسنديون آهن، تنهنڪري جنگ هجي يا امن هجي، سفر هجي يا گھر هجي، هر حالت ۾ انهن وقتن جو لحاظ رکڻ ۽ نمازون انهن ئي وقتن ۾ پڙهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ([1])
معلوم ٿيو ته معرفت جا دروازا کلڻ جا وقت مقرر آهن، انهن کان علاوه ٻين وقتن ۾ اهي دروازا نه کلندا، لهٰذا ضروري آهي ته اسان هر نماز کي ان جي مقرر وقت جي اندر ئي ادا ڪيون.
سڀ نمازون هڪ ئي وقت ۾ ڇو نه رکيون ويون
مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ سوال ڪيو ويو: 5 نمازن جا اهي ئي وقت ڇو مقرر ڪيا ويا آهن (ايئن به ته ٿي سگھيو پئي ته پنج ئي نمازون ڏينهن ۾ هڪ ئي وقت پڙهي فارغ ٿي وڃون ها ۽ پوءِ آرام سان ٻيا ڪم ڪار ڪيون ها).
مفتي صاحب ان جو جيڪو جواب ڏنو، ان کي مان پنهنجن لفظن ۾ ڪجهه وضاحت سان توهان جي سامهون رکان ٿو، اوهان فرمايو: نمازن جا الڳ الڳ وقت مقرر ڪرڻ ۾ حڪمت اها آهي ته اهڙيءَ طرح مؤمن جي هر حالت الله پاڪ جي ذڪر سان شروع ٿيندي آهي، 24 ڪلاڪن ۾ انسان جون پنج حالتون آهن * صبح جي وقت ڏينهن جي ابتدا آهي ڄڻ ته نئين زندگي ملي هجي، تنهنڪري حڪم ٿيو ته پهريان نماز پڙهي، ڏينهن جي شروعات ٿيڻ ۽ نئين زندگي نصيب ٿيڻ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو! ڏينهن جي ابتدا ذڪر الٰهي سان ڪيو! ابتداء سٺي ٿيندي ته اميد آهي ته انتها به سٺي ٿي ويندي * پوءِ ماڻهو ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويندو آهي، منجهند جي وقت ڏينهن جي ٻئي حصي جي ابتدا ٿيندي آهي، تنهنڪري حڪم ٿيو ته ڪم ڪار کان ڪجهه دير وقفو ڪيو! نماز ظهر ادا ڪري وٺو! پهريان جيڪو ڏينهن گذري ويو ان جو شڪر ادا ٿي ويندو ۽ ڏينهن جي ٻئي حصي جي ابتدا الله پاڪ جي ذڪر سان ٿي ويندي * عصر جي وقت ڏينهن پنهنجي اختتام جي ويجهو پهچي ويو، ان