Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain

رمضان جون يادگيريون سنڀالي رکو!

پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جو دستور آهي ته جڏهن ڪو پيارو اسان کان جدا ٿيندو آهي ته اسين ان جي ڪا نه ڪا نشاني پاڻ وٽ سنڀالي رکندا آهيون. هاڻي اسان جو انتهائي پيارو، تمام محبوب مهينو، رب جو مهمان ماههِ رمضان اسان کان جدا ٿي رهيو آهي، اسان کي گھرجي ته اسان ان جي نشاني پاڻ وٽ محفوظ رکون.

رمضان شريف جي نشاني ڪهڙي آهي؟ 5 وقت مسجد جي حاضري...!! هونئن ته ظاهري ڳالهه آهي ته نماز فقط رمضان ۾ نه بلڪه سڄو سال ئي فرض آهي پر اسان وٽ تمام افسوسناڪ حالت آهي، رمضان شريف جي اچڻ سان ئي مسجدون خوب آباد ٿي وينديون آهن پر جيئن ئي رمضان شريف رخصت ٿيندو آهي، چنڊ رات جي عشاء جي نماز ۾ ئي  مسجدون خالي خالي نظر اچڻ لڳنديون آهن. التجا آهي ته رمضان المبارڪ جي يادگار طور ئي سهي اسان نماز کي هميشه هميشه لاءِ اپنائي وٺون، ماههِ رمضان جي عزت جي نيت سان، هن مهمان جي نشاني طور اسان سڀ پڪا نمازي بڻجي وڃون، روزانو نماز پڙهون، 5 جون 5  ئي ادا ڪيون بلڪه مسجد ۾ جماعتِ اوليٰ سان نماز پڙهڻ جي پڪي عادت اختيار ڪيون. ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش! مسلمانن جو ٻچو ٻچو، سچو پڪو نمازي بڻجي وڃي. اي ڪاش! اسان جو اهو ذهن بڻجي وڃي ته سڀئي نمازون سڄو سال، اچو ته! گڏجي اهو عزم ڪيون ته  ” سڀئي نمازون سڄو سال“

ہر عبادت سے برتر عبادت نماز                                                                 ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

یا خُدا تجھ سے عطار کی ہے دُعا!                                                                         مصطفےٰ کی پڑھے ساری اُمّت نماز

ياالله پاڪ! اسان کي پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

گناهه وڻ جي پنن وانگر ڇڻندا آهن

حضرت ابوعثمان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان صحابيءِ رسول حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ سان گڏ هڪ وڻ جي هيٺان بيٺو هئس. انهن رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان