Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
حيدرآباد جي هڪ محلي ۾ علائقائي دوري جي دعوت کان متاثر ٿي، هڪ ماڊرن (Modern) نوجوان مسجد ۾ آيو. بيان دوران قافلن ۾ سفر ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي، جنهن تي هن مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجو نالو لکي ڇڏيو.
هن جي روانگيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي هئا ته قضاءِ الهيءَ سان سندس انتقال ٿي ويو. مرحوم جي خاندان جي ڪنهن فرد کيس خواب ۾ ڏٺو ته هو هڪ سرسبز باغ ۾ نهايت خوش آهي ۽ جھولي ۾ لُڏي رهيو آهي. خواب ڏسندڙ شخص پڇيو: هتي ڪيئن آئين؟ نوجوان جواب ڏنو: مان دعوتِ اسلامي جي قافلي سان آيو آهيان، الله پاڪ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي. منهنجي امڙ کي چئي ڇڏجان ته هوءَ منهنجو غم نه ڪري، مان هتي تمام گهڻو سک سان آهيان."
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقان رسول! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. الحمد لله! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ دعوت اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: قرآن ٽيچر (Quran Teacher) * هن ايپلي ڪيشن ذريعي درس نظامي، فيضان نماز ڪورس ۽ زڪوٰت ڪورس جهڙن بيشمار آن لائن ڪورسز لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي. * اسٽوڊنٽ پورٽل (Student Portal) ۾ پنهنجي آن لائن ڪلاس جي سرگرمين بابت باخبر رهي سگهجي ٿو. * دعوت اسلامي جي هن پليٽ فارم تي تقريباً 45 کان وڌيڪ اسلامي ڪورسز ڪرايا ويندا آهن * هي ايپلي ڪيشن آن لائن ٿيڻ وارن ڪورسن بابت به معلومات (Information) فراهم ڪري ٿي. توهان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪنهن به ڪورس جو انتخاب ڪري سگهو ٿا ۽ بغير ڪنهن مشڪل جي آن لائن قرآن سکڻ لاءِ داخلا وٺي سگهو ٿا. هن ايپلي ڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪري پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد