Book Name:Namazon Ke Auqat Aur Un Ki Hikmatain
جي مغفرت گهرندا ۽ فرشتا جنهن جي مغفرت جا طلبگار هوندا مان انهن کي ڪڏهن به عذاب نه ڏيندس * اي موسى (عَلَیْهِ السَّلَام )! مغرب جون 3 رڪعتون آهن، انهن کي احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۽ سندس امت پڙهندي ته آسمان جا سڀ دروازا انهن لاءِ کولي ڇڏيندس، جيڪا به حاجت گهرندا، ان کي ضرور پورو ڪندس * اي موسى (عَلَیْهِ السَّلَام )! شفق جي ٻڏي وڃڻ وقت يعني عشا جون 4 رڪعتون آهن، انهن کي احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۽ سندس امت پڙهندي، اهي دنيا ۽ ان جي هر شيء کان انهن جي لاءِ بهتر آهن، اهي انهن کي گناهن کان ايئن پاڪ ڪنديون ڄڻ پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيا آهن * اي موسى (عَلَیْهِ السَّلَام )! احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۽ سندس امت وضو ڪندا جيئن منهنجو حڪم آهي، مان انهن کي پاڻيءِ جي هر ٽِمَندڙ قطري جي بدلي زمين ۽ آسمان جي وسعت برابر جنت عطا ڪندس * اي موسى (عَلَیْهِ السَّلَام )! احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۽ سندس امت هر سال هڪ مهيني جا روزا رکندا ۽ اهو مهينو رمضان آهي، مان عطا ڪندس، مان انهن کي هر ڏينهن جي روزي جي بدلي جنت ۾ هڪ شهر عطا ڪندس، هن مهيني ۾ انهن کي نفل جي بدلي ۾ فرض جو ثواب عطا ڪندس، هن مهيني ۾ انهن کي لَیْلَۃُ الْقَدْر ڏيندس، جيڪو هن مهيني ۾ شرمندگي ۽ سچائي سان هڪ ڀيرو توبهه ڪندو، جيڪڏهن انهيءَ رات يا انهيءَ مهيني ۾ مري ويو ته کيس 30 شهيدن جو ثواب عطا ڪندس. ([1])
پڑھتے رہو نماز کہ جنّت میں جاؤ گے
ہوگا وہ تم پہ فضل کہ دیکھے ہی جاؤ گے
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته 5 نمازن جا الڳ الڳ وقت مقرر ڪرڻ جون الڳ الڳ فضيلتون ۽ الڳ الڳ حڪمتون آهن، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته انهن فضيلتن کي حاصل ڪريون، هر نماز کي ان جي مقرر وقت ۾ ادا ڪيون، خواہه ڪهڙي به مجبوري هجي، هر مجبوري کي پاسي تي رکي پهريان نماز پڙهون، پوءِ ٻيا ڪم ڪريون. الله پاڪ اسان کي ان جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم