Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

پنهنجي حاجت پيش ڪري، اها حاجت پوري ٿيندي، جيڪو شخص 2 رڪعتون نفل پڙهي ۽ هر رڪعت ۾ الحمد شريف (يعني سورة فاتحه) کان بعد قُلۡ هُوَ الله شريف (يعني سورة اخلاص مڪمل) 11، 11 ڀيرا پڙهي، سلام ڦيرڻ کان بعد سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود شريف پڙهي، پوءِ بغداد شريف ڏانهن 11 قدم هلي ڪري منهنجو نالو پڪاري ۽ پنهنجي حاجت بيان ڪري، ته  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي حاجت پوري ٿيندي.[1]

آپ جیسا پیر ہوتے کیا غَرَض  دَر دَر پھروں           آپ سے سب کچھ ملا یا غوثِ اعظم دَسْتْ گِیر [2]

  پيارا اسلامي ڀائرو! نمازِ حاجت جيڪا حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ٻڌائي، ان کي نمازِ غوثيه چوندا آهن. تمام مُجَرّب آهي (يعني هن طرح نماز جو کوڙ سارن کي تجربو ٿيو آهي ۽ هن جو فيضان مليو آهيجڏهن به ڪا حاجت هجي، ڪا مشڪل اچي وڃي، پريشاني هجي، بيماري، قرض داري هجي، هيءَ نماز پڙهو! بهتر هي آهي ته مغرب جي نماز کان بعد پڙهو! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي وسيلي سان دعا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! مُراد پوري ٿيندي. هي به سمجهي وٺندا ته پاڪستان کان بغداد شريف جي سمت(رخ) ڇا آهي؟ پاڪستان ۽ هندوستان کان بغداد شريف جي سمت اولهه ۽ اتر طرف يعني West and North جي تقريبًا وچ ۾ آهي.

کہا   جس   نے   یَا   غَوث   اَغِثْنِیْ   تو   دَم   میں                   ہر آئی مصیبت ٹلی غوثِ اعظم[3]

وضاحت: جنهن به دل سان چيو: اي غوثِ پاڪ! منهنجي مدد ڪريو! ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي صدقي ۾ گهڙي کَن ۾ اها مصيبت ٽَري وئي.


 

 



[1]... بَہْجَۃُ الْاَسْرَار ، صفحہ:197۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:548۔

[3]... سامانِ بخشش، صفحہ:119۔