Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ڪاٺ جا جوتا پاتا ۽ وضو فرمايو، وضو فرمائڻ کان بعد پاڻ 2 رڪعتون نفل ادا ڪيائون، نماز کان فارغ ٿي ڪري پاڻ بلند آواز سان پڪاري ڪري ڪجھ چيو ۽ هڪ ڪاٺ جي جوتيءَ کي هوا ۾ اڇلايو، پوءِ اهڙيءَ طرح ٻئي جُوتيءَ کي به اڇلايو، ٻئي جوتا اسان جي نگاھن کان غائب ٿي ويا. پاڻ ٻيهر پنهنجي جڳھ تي ويهي رهيا. اسان مان ڪنهن کي به واقعو معلوم ڪرڻ جي جرئت نه ٿي.

    23 ڏينهن گذرڻ کان بعد غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مدرسي ۾ هڪ قافلو آيو، قافلي وارن چيو: اسان کي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪرڻو آهي. بهرحال اسان غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان اجازت طلب ڪئي. فرمايائون: قافلي وارن کي اندر اچڻ ڏيو ۽ جيڪو ڪجھ اهي ڏين وٺجو. اسان قافلي وارن کي اندر اچڻ ڏنو، انهن ڪافي سامان غوثِ پاڪ جي بارگاھ ۾ نذرانو پيش ڪيو، ان سامان ۾ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا ڪاٺَ وارا اُهي مبارڪ جوتا به هئا. هي ڏسي ڪري اسان کي تعجب ٿيو، اسان قافلي وارن کان پڇيو: هي جوتا توهان کي ڪٿان مليا؟ قافلي وارن چيو: 3 صفرُ المُظفر جي ڳالھ آهي، اسان تي ڌاڙيلن حملو ڪيو، اسان جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا ۽ سامان به لُٽي ورتو. ڌاڙيلَ اسان جو مال هڪ پاسي کڻي ڪري پاڻ ۾ ورهائي رهيا هئا، ان وقت اسان کي خيال آيو ته حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن اسان جي مدد فرمائن ۽ اسان هن مصيبت کان بچي وڃون ته غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪنداسين.

   اڃان اسان پاڻ ۾ گفتگو ڪري ئي رهيا هئاسين ته جهنگل ۾ 2 تيز آواز ٻڌڻ ۾ آيا، جنهن سان سڄو ريگستان گونجي پيو، ڌاڙيل به ڊڄي ويا. پوءِ ٿوري دير بعد هڪ ڌاڙيل خوفزده ۽ پريشان حالت ۾ اسان وٽ آيو ۽ چيائين: اچو! توهان پنهنجو مال کڻي وڃو! ۽ ڏسو اسان جو ڪهڙو حال ٿيو آهي؟ اسان جلدئي ۾