Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

ان منهنجي سجدي واري جاءِ تي مٿو رکي پنهنجو وات کولي ڇڏيو. مون ان کي هٽائي سجدو ڪيو پر اهو منهنجي گردن سان چنبڙي پيو. پوءِ اهو منهنجي هڪ ٻانهن ۾ گهڙيو ۽ ٻئي  مان نڪتو. نماز مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مون سلام ورايو ته اهو غائب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن مان وري انهيءَ مسجد ۾ داخل ٿيس ته مونکي هڪ وڏين وڏين اکين وارو ماڻهو نظر آيو، مون ان کي ڏسي اندازو ڪري ورتو ته هي شخص انسان ناهي بلڪ جن آهي. اهو جن مون کي چوڻ لڳو: مان توکي تنگ ڪرڻ وارو اهو ئي جن آهيان. مان نانگ جي صورت ۾ ڪيترن ئي ولين کي آزمايو آهي، پر اوهان جيان ٻئي ڪنهن کي به ثابت قدم نه ڏٺو..( بَھجۃ الاسرار،ص،۱۶۹)

ہوئے دیکھ کر تجھ کو کافر مسلماں                بنے سنگدل موم ساں  غوثِ اعظم[1]

وضاحت: پيرن جي پير حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زيارت جي برڪت سان ڪافرن کي اسلام جي دولت نصيب ٿي ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زيارت جي برڪت سان ماڻهن جي دلين جي سختي دور ٿي.

 اي عاشقانِ رسول!  ڏٺو توهان! اسان جا غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ربِّ ڪريم جو قرب حاصل ڪرڻ، پنهنجي نانا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خوش ڪرڻ، نفس ۽ شيطان تي غالب اچڻ، دنيا جي محبت کان جان ڇڏائڻ، گناھن جي بيمارين کان پاڻ کي بچائڻ، مخلوقِ خدا کي راھِ راست تي آڻڻ، مبلغ بڻجڻ جو شرف ماڻڻ، نيڪي جي دعوت جي دنيا ۾ ڌوم مچائڻ ۽ بيشمار ڪافرن کي دامنِ اسلام ۾ داخل فرمائڻ جي لاءِ سالن جا سال محنت ۽ ڪوشش فرمائي. خير اسان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وانگر مجاهدات ته ناهيون ڪندا پر همّت ڪري ڪجھ نه ڪجھ ڪوشش ته جاري رکون.

سچ ہے انسان کو کچھ کھو کے مِلا کرتاہے         آپ کو کھو کے تجھے پائے گا  جُویا تیرا


 

 



[1] ... قَبالَۂ بخشش،صفحہ:183۔