Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

وضاحت: يعني انسان کي ڪجھ وڃائي ڪري ئي ڪجھ ملندو آهي، الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻو هجي، الله پاڪ جي رضا جي طلب هجي، الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشي مطلوب هجي، جنّت ۾ وڃڻ جي طلب هجي ته ظاهر آهي ڪجھ نه ڪجھ محنت ته ڪرڻي پوندي، پاڻ کي مٽائينداسين تڏهن ئي الله پاڪ جو قرب نصيب ٿي سگهندو.

   ڏسو! الله پاڪ جي رضا جي لاءِ سرڪارِ غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن عبادتن ۽ رياضتن ۾ عراق جي جهنگلن ۾ 25 سال گذاري ڇڏيا. ڪاش! اسان کي به عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي سنّتن جي تربيت جي خاطر ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۽ مُلڪ مُلڪ سفر ڪرڻ وارن مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سفر ڪرڻ نصيب ٿي وڃي! ڪاش! اسان پابنديءَ سان نيڪ اعمال جو جائزو وٺندي رسالو به ڀريون. نيڪ نمازي بڻجون، تهجد گذار بڻجون، قرآنِ پاڪ جي تلاوت، درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪيون، گناھن ۽ فضول ڪمن کان بچون، والدين، ڀيڻ ڀاءُ، دوست احباب ۽ پنهنجي مسلمان ڀائرن جي خيرخواهي ڪندا ڪيون. الله ڪري غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو صدقو نصيب ٿي وڃي ۽ اسان الله پاڪ جا پيارا ٻانها بڻجي وڃون.

کوئی سالِک ہے یا واصِل ہے یا غوث!    وہ کچھ بھی ہو تِرا سائِل ہے یا غوث! [1]

وضاحت: اي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه! اوهان جو شان هي آهي جو ڪو ڪيڏو به بلند مرتبي وارو هجي، توڙي جو ان هاڻي راھِ سلوڪ (يعني راھِ طريقت، الله پاڪ جو قرب ماڻڻ جي رستي) تي هلڻ شروع ڪيو هجي يا طريقت جون منزلون طئي ڪري چڪو هجي، هر هڪ اسان جي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي در جو سوالي آهي.


 

 



[1] ... حدائقِ بخشش، صفحہ:251۔