Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

پيارا اسلامي ڀائرو! حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو شان ڪيترو اوچو آهي؟ سندن مرتبو ۽ مقام ڪيترو بلند آهي؟ اچو عاشقانِ غوثِ اعظم، نائبِ غوثِ اعظم، اعلٰي حضرت، امامِ اهلِ سنّت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زباني ٻڌون ٿا. اعلٰي حضرت فرمائن ٿا:

بندہ قادِر کا بھی قادِر بھی ہے عبد القادِر               سِرِّ باطن بھی ہے، ظاہِر بھی ہے عبد القادر[1]

وضاحت: غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪير آهن؟ قادر ۽ قدير ربّ جا ٻانها آهن، الله پاڪ کين قدرت عطا فرمائي آهي، لهٰذا سندن تي هي نالو بلڪل سچو آهي ته پاڻ عبدُ القادر آهن ۽ حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ظاهر ۽ باطن جو هڪ راز آهن.

مفتئ شرع بھی ہے، قاضِئ مِلّت بھی ہے            عِلْمِ اَسْرار سے ماہِر بھی ہے عبد القادِر[2]

وضاحت: غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ڪير آهن؟ پنهنجي دور جا سڀني کان وڏا مفتي، قاضي ۽ پاڻ عِلمُ الاَسۡرار (يعني قدرت جي رازن جي علم) ۾ به خوب مهارت رکندا آهن.

اس کے فرمان ہیں سب شارِحِ حکمِ شارِع      مَظْہَرِ ناہِی و آمِر بھی ہے عبد القادِر[3]

وضاحت: غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪير آهن؟ اها هستي جيڪي پنهنجي طرف کان ناهن ڳالهائيندا، انهن جي زبان مبارڪ مان جيڪو ڪجھ نڪرندو آهي، صاحبِ شريعت، نبيءِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن جي تشريح هوندي آهي، پاڻ حڪمِ شريعت بيان فرمائڻ واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مَظهر


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:69۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:69۔

[3]... حدائقِ بخشش، صفحہ:252۔