Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

آهن.

سُخَن ہیں اَصْفِیا تُو مَغْزِ معنی                         بدن ہیں اَوْلیا تُو دِل ہے یا غوث! [1]

وضاحت: غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو شان ڪيترو نه نرالو آهي. مثال طور جيڪڏهن اسان اولياءِ ڪرام کي لفظ چئون ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان لفظ جي معنٰي آهن، جيڪڏهن اسان اولياءِ ڪاملين کي بدن چئون ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان ۾ ڌڙڪڻ واري دل آهن.

صحابِیَّت ہوئی، پھر تابِعِیَّت                        بس آگے قادری منزل ہے یا غوث! [2]

وضاحت:  امّت ۾ سڀني کان بلند درجو صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو آهي، پوءِ انهن کان بعد تابعين (يعني صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي زيارت ڪرڻ ۽ انهن کان صحبت ماڻڻ وارن) جو درجو آهي، پوءِ ان کان بعد قادري منزل آهي.

کوئی سالِک ہے یا واصِل ہے یا غوث!              وہ کچھ بھی ہو تِرا سائِل ہے یا غوث! [3]

وضاحت: غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪير آهن؟ سندن شان ڪيترو آهي. پاڻ پيرَن جا پير آهن، ڪو ڪيڏو به بلند مرتبي وارو هجي، توڙي جو ان هاڻي راھِ سلوڪ (يعني راھِ طريقت، الله پاڪ جو قرب ماڻڻ جي رستي) تي هلڻ شروع ڪيو هجي يا طريقت جون منزلون طئي ڪري چڪو هجي، هر هڪ اسان جي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي در جو سوالي آهي.

بُخارا و عراق و چِشت و اَجْمیر                        تری لَوشمعِ ہر محفل ہے یا غوث!

یہ چشتی، سہروردی،  نقشبندی                      ہر اِک تیری طرف مائِل ہے یا غوث! [4]


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:258۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:259۔

[3]... حدائقِ بخشش، صفحہ:251۔

[4]... حدائقِ بخشش، صفحہ: 253-259ملتقطاً۔