Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

۾ نمازون ته قضا ڪيون وينديون آهن پر مقصدِ حيات (مثلاً نماز) جي لاءِ ڪاروبار جي قرباني ٿورا ئي ماڻهو ڏيندا آهن. هاءِ! اسان جو واپار، ڪاروبار، ملازمت وغيره اسان کي الله پاڪ جي ذڪر، ان جي ياد ۽ عبادت کان غافل ڪري ڇڏيندي آهي، ڪاش! ائين نه ٿي...!!

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ اسان کي حڪم ڏئي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا  الَّذِیۡنَ  اٰمَنُوۡا  لَا تُلۡہِکُمۡ اَمۡوَالُکُمۡ  وَ لَاۤ  اَوۡلَادُکُمۡ عَنۡ ذِکۡرِ اللّٰہِ ۚ وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ  ذٰلِکَ  فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡخٰسِرُوۡنَ  ( ۹ )

(سيپارو: 28، سورة منافقون: آيت: 9)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد توهان کي الله جي

 ذڪر کان غافل نه ڪري ڇڏين ۽ جيڪو ائين ڪندو ته اهي ئي ماڻهو نقصان کڻڻ وارا آهن.

  تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: (يعني) اي ايمان وارؤ! منافقن وانگر توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد توهان کي الله پاڪ جي ذڪر کان غافل نه ڪري ڇڏي ۽ جيڪو ائين ڪندو ته دنيا ۾ مشغول ٿي ڪري دين کي ويساري ڇڏيندو، مال جي محبت ۾ پنهنجي حال جي پرواھ نه ڪندو ۽ پنهنجي اولاد جي خوشي جي لاءِ آخرت جي راحت کان غافل رهندو ته اهڙا ماڻهو ئي نقصان کڻڻ وارا آهن.[1]

الله اڪۡبر! ڪهڙي عبرت جي ڳالھ آهي * اڄ ماڻهو لکين روپيه ڪمائن ٿا، پوءِ به پوري نه ٿي ٿين * گهرن ۾ جهيڙا جھڳڙا آهن * دليون بي چين آهن * ڪٿي مهانگائي جو روئڻ * ڪٿي پريشانيون * ڪڏهن آفتون، معاشري ۾ هڪ عجيب بي چيني نظر اچي ٿي، آخر ان جو ڇا سبب آهي؟ روزيءَ ۾ برڪت ڇو


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ:28 ،سورۂ منافقون،زیرِ آیت:9 ،جلد:10 ،صفحہ:171۔