Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

جي برڪت سان شروع کان ئي نيڪ پرهيزگار، عبادت گذار هئا، حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا والد حضرت محمد بن جنيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شيشي (آئيني) جو واپار ڪندا هئا، شروعات ۾ حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به اهو ئي ڪم ڪندا رهيا.

   انهن ڏينهن ۾ سندن معمول مبارڪ هو ته صبح جڏهن پنهنجي دڪان تي تشريف وٺي ويندا هئا ته پردو ڏئي ڪري 400 رڪعتون نفل ادا فرمائيندا هئا.[1]

  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪهڙو نرالو انداز آهي، الله پاڪ جا هي نيڪ ٻانها نهايت ئي باڪمال هوندا آهن، انهن جي هر ادا ئي نرالي هوندي آهي، واپار، ڪم ڪار، ملازمت وغيره هي اسان جون ضرورتون آهن پر افسوس! اسان ضرورتن ۾ پئجي ڪري زندگي جي اصل مقصد کي ويساري ڇڏيندا آهيون، اسان جي زندگيءَ جو اصل مقصد ڇا آهي؟ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ، ربِّ ڪائنات جنهن اسان کي پيدا فرمايو: مِٽي مان جيئرو جاڳندو انسان بڻايو، قادر ۽ قيوم ربّ پاڻ فرمائي ٿو:

وَ مَا خَلَقۡتُ الۡجِنَّ وَ الۡاِنۡسَ  اِلَّا لِیَعۡبُدُوۡنِ  ( ۵۶ )   (سيپارو: 27، سورة ذاريات: آيت: 56)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ مون جنَ ۽ انسان ان لاءِ پيدا ڪيا ته منهنجي عبادت ڪن.

   کائڻ، پيئڻ، پائڻ، مال ۽ دولت وغيره هي سڀ اسان جي زندگي جون ضرورتون آهن، عبادت زندگي جو اصل مقصد آهي، هاڻي اسان ڪجھ دير جي لاءِ غور ڪيون: اسان زندگي جي ضرورتن کي ڪيترو وقت ڏيون ٿا ۽ زندگيءَ جي مقصد يعني عبادت جي لاءِ ڪيترو وقت ڪڍون ٿا؟ پنهنجي 24 ڪلاڪن جو جائزو وٺون. شايد اسان جي زندگيءَ جو اڪثر حصو ضرورتن جي پٺيان ڊوڙندي گذري رهيو آهي، افسوس! دڪانداري، ملازمت ۽ ڪاروبار جي چڪر


 

 



[1] شرح شجرۂ قادریہ رضویہ عطاریہ ،صفحہ:73 بتغیر قلیل ۔