Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

پيش آيو. چوڻ لڳو: جي ها! فرمايائون: ان جي تفصيل ٻڌايو! هاڻي اهو دهريو چوڻ لڳو: هڪ ڏينهن سامونڊي سفر دوران سخت خوفناڪ طوفاني هوا هلي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي به ڀَڄي پئي ۽ ملاح به ٻُڏي مري ويو، مون ڀَڳل ٻيڙي جي هڪ ڦٽي کي پڪڙيو ۽ سمنڊ جي طوفاني ڇولين تي سفر ڪرڻ لڳس، آخر ڪار سامونڊي ڇولين جي ڪري اهو ڦٽو به منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ويو، هاڻي مان بي سهارو ايڏي وڏي سمنڊ ۾ تري رهيو هيس، آخر ڪار سامونڊي ڇولين مون کي ڪناري تي اڇلائي ڇڏيو (۽ منهنجي جان بچي وئي). اهو ٻڌي ڪري امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: جڏهن تون سمنڊ ۾ لٿين، توکي ٻيڙي ۽ ملاح تي ڀروسو هو ته مان هن ٻيڙيءَ جي ذريعي سمنڊ ٽُپي ويندُس، پوءِ جڏهن ٻيڙي ٽُٽي پئي ته توکي ٻيڙيءَ جي هڪ ڦٽي تي ڀروسو ٿي ويو ته ان جي سهاري مان ڪناري تائين پهچي ئي ويندُس، پوءِ جڏهن اهو ڦٽو به هٿ مان ڇڏائجي ويو ۽ تون بلڪل بي سهارو ٿي وئين، ڇا ان وقت به توکي بچي وڃڻ جي اميد هئي؟ چوڻ لڳو: جي ها! مون کي اميد هئي. امام جعفر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ان وقت ته ڪو سهارو موجود نه هو، ان وقت ڪنهن تي اعتماد هو، ڪنهن جي ڀروسي تي تون بچڻ جي اميد لڳائي رهيو هئين؟ هاڻي اهو شخص خاموش ٿي ويو. امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ان خوفناڪ حالت ۾ به تنهنجي نه چاهيندي به جيڪا هڪ اميد لڳل هئي، جنهن هستي تي ڀروسو هو، انهيءَ کي خُدا چوندا آهن، انهيءَ توکي ٻڏڻ کان بچايو آهي. سندن هيءَ حڪمت ڀري ڳالھ ٻڌي ڪري اهو شخص انهيءَ وقت ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويو. [1]

   مطلب ته ايمان، دين، توحيد، هي سڀ ڳالهيون فطرت جو حصو آهن، هاڻي جيڪڏهن ڪو * دين کان منهن موڙي ٿو * دين جي بدران پنهنجي ناقص عقل جي پٺيان هلي ٿو * انساني دماغ جي ايجاد ڪيل نظريين جي ڳالھ ڪري ٿو


 

 



[1] تفسیرِ کبیر ، پارہ : 1 ، البقرہ ، زیرِ آیت : 22 ، جلد : 1 ، صفحہ : 333۔