Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پاڻي پيئڻ جون 13 سنّتون ۽ آداب

 فرمان مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: * اُٺ وانگر هڪ ئي ساهي ۾ نه پيو، بلڪ ٻه يا ٽي ڀيرا (ساهه کڻي) پيئو ۽ پيئڻ کان اڳ ۾ بِسۡمِ الله پڙهو ۽ پيئڻ کان پوءِ اَلحَمۡدُ لله  چوندا ڪريو!

  اي عاشقانِ رسول! پاڻي هجي يا ڪا ٻي شيءِ * پيئڻ کان پهرين بِسۡمِ الله پڙهو * چوسي ڪري ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀريو، وڏا ڍُڪ ڀَرڻ سان جگر(Liver) جي بيماري پيدا ٿيندي آهي * پاڻي ٽن ساهين ۾ پيئو ساڄي هٿ سان ۽ ويهي پاڻي پيئو * ڪؤنري وغيره مان وضو ڪيو هجي ته ان جو بچيل پاڻي پيئڻ 70 بيمارين کان شِفا آهي جو اهو آبِ زمزم شريف سان مشابهت رکي ٿو، انهن ٻنهي (يعني وضو جي بچيل پاڻي ۽ آب زمزم شريف) کان علاوه ٻيو ڪو به پاڻي بيهي ڪري پيئڻ مڪروه آهي، اهي ٻئي پاڻي قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي پيئو * پيئڻ کان پهرين ڏسو ته پيئڻ جي ٿانوءَ ۾ ڪا نقصان واري شيءِ وغيره ته ناهي * پاڻي پيئڻ کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله  چئو * حُجَّةُ الاسلام حضرت امام محمد بن محمد غزالي عَليهِ رَحمةُ اللهِ الۡوالي فرمائن ٿا: بِسۡمِ الله پڙهي پيئڻ شروع ڪري، پهرين ساهي جي آخر ۾ اَلۡحَمۡدُلله ٻي کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلِلّٰهِ رَبِّ العَالَمِيۡن ۽ ٽين کان پوءِ اَلۡحَمۡدُللهِ رَبِّ الْعَالَمِيۡنَ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم پڙهي. هي هڪ سُٺو ڪم آهي، نه به پڙهيائين ته حرج ناهي ۽ شروع ۾ بِسمِ الله ۽ آخر ۾ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـهِ چوڻ سان به سنّت ادا ٿي ويندي * گلاس مان بچيل مسلمان جي اَوبر واري صاف پاڻي کي استعمال لائق هجڻ جي باوجود هروڀرو