Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

مَٿو چِٿرڻ جي سزا

   جيڪي فجر جي نماز ۾ سُتل هوندا آهن، اُهي نماز جو وقت سمهي گذارڻ جي خوفناڪ سزا جي ڪيفيت پڙهن ۽ توبھ ڪن. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي فرمايو: اڄ رات 2 شخص (يعني جبرائيل ۽ ميڪائيل عَلَيهِم السَّلَام) مون وٽ آيا ۽ مون کي اَرضِ مُقدس (يعني بيتُ المُقدس) ۾ وٺي آيا.[1] مون ڏٺو هڪ شخص سُتل آهي ان جي سرهاڻي (يعني مٿي وٽ) هڪ شخص پٿر کنيو بيٺو آهي ۽ هر هر (يعني باربار) پٿر سان ان جو مٿو چٿري رهيو آهي، هر ڀيري چٿرڻ کان بعد مٿو وري ٺيڪ ٿي وڃي پيو. مون انهن ملائڪن کي چيو: سُبْحٰنَ اللہ! هي ڪير آهن؟ انهن عرض ڪيو: اڳتي تشريف وٺي هلو! (وڌيڪ منظرَ ڏيکارڻ کان بعد) ملائڪن عرض ڪيو: پهريون شخص جيڪو اوهان ڏٺو (يعني جنهن جو مٿو چٿريو پئي ويو) هي اهو شخص هو جنهن قرآن ڪريم پڙهيو پوءِ ان کي ڇڏي ڏنو هو ۽ فرض نمازن جي وقت سمهي رهندو هو.[2]

بے نمازی کی نحوست ہے بڑی                       مر کے پائے گا سزا بے حد کڑی

قضا نمازن جو طريقو رسالي جو تعارف

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله نه ڪري جيڪڏهن ڪنهن جون نمازون قضا ٿي ويون آهن ته جلد کان جلد انهن کي پڙهڻ جي ڪا صورت بڻايو. قضا نمازون ادا ڪرڻ جو طريقو ڇا آهي؟ قضا نمازن جا شرعي احڪام ۽ مسائل ڪهڙا آهن؟ ان جي متعلق اَمِيرِ اهلسنّت، حضرت محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو هڪ نهايت مُفيد رسالو آهي: قضا نمازن جو طريقو.


 

 



[1] بخاری ،کتاب الجنائز ،صفحہ:386،حدیث:1386۔

[2] بخاری ،کتاب التعبیر ،باب   تعبیر الرؤیا،صفحہ:1715-1714،حدیث:7047ملتقطاً۔