Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

ڪامل ولي سان اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت ملندي ته ان جون برڪتون ئي الڳ هونديون. ان شاء اللہ الْکَرِیْم! رمضانُ المبارڪ جي مهيني ۾ گناھن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفلي عبادت جو شوق وڌڻ سان گڏوگڏ گهڻو علمِ دين به سکڻ جي لاءِ ملندو، اچو! ترغيب جي لاءِ اجتماعي اعتڪاف جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:  

گناهن ڀري زِندگي ۾ بهار اچي وئي

   ڊيره الله يار (صُوبي بلوچستان، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان پهريان گُنَاهن جي دلدل ۾ غرق هئس، فلمون ڏسڻ ۽ بدنگاهي وغيره منهنجا پسنديده مشغلا هئا، هڪ ڀيري هڪ عاشِقِ رسول اسلامي ڀاءُ سان منهنجي ملاقات ٿي، ان وڏي پيار ڀري انداز سان مون کي اجتماعي سُنّت اعتڪاف ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان جو حڪمت ڀريو ۽ پيارو انداز ڏسي منهنجي دِل نرم ٿي ۽ مان رمضان المبارڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت جي لاءِ فيضانِ مدينه پهتس۔ اعتڪاف دوران مبلغين اسلامي ڀائرن جا سُنّتن ڀريا بيان، پُرسوز مناجات ۽ رِقَّت انگيز دُعائن سان منهنجي دِل جي دُنيا بدلجي وئي، مون اڳوڻن گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس، ان جي برڪت سان منهنجي ڪردار ۽ گفتار ۾ مثبت تبديليون اچڻ لڳيون، مون عمامي شريف جو تاج به سجائي ورتو، سُنّت جي مطابق ڏاڙھي شريف به رکي ورتي ۽ الحمد لله! نمازن جو پابند به بڻجي ويس.

آئیں گی سُنتیں، جائیں گی شامتیں                  مدنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

تم سدھر جاؤ گے، پاؤ گے برکتیں                  مدنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد