Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

فيضانِ حديث (Faizan e Hadees) موبائل ايپليڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به مختلف انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، ان سلسلي ۾ الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان تمام پياري، نرالي ۽ نهايت فائدي مند موبائل ايپليڪيشن بنام ”فيضانِ حديث“ Play Store ۽  App Store  تي پيش ڪئي وئي آهي. هن ايپليڪيشن ۾ حديثِ پاڪ جا مشهور ڪتابَ مثلاً * مِشْکٰوۃُ الْمَصَابِیْح ۽ ان جي آسان اردو شرح مِراٰةُ الۡمَنَاجِيۡح * الأربَعِیْنِ النّوویَّۃ اردو ترجمو ۽ تشريح سان گڏ * رِیاضُ الْصَّالِحِین اردو ترجمو ۽ تشريح سان گڏ * أَربَعِیْنِ حَنَفِیَّہ (اردو) * ۽ مُنْتَخَب اَحَادِیث (اردو) شامل ڪيا ويا آهن * هن ايپليڪيشن جي مدد سان توهان مبارڪ حديثن کي ڪتابي صورت ۾ (يعني جلدن جي اعتبار سان) به پڙهي سگهو ٿا ۽ مختلف موضوعن جي اعتبار سان پنهنجي گهرج جي موضوع جو مطالعو به ڪري سگهو ٿا * سرچ آپشن به موجود آهي، جنهن جي مدد سان توهان مڪمل ڪتاب ۾ يا هڪ حديث ۾ مختلف الفاظ ۽ مڪمل جملو به سرچ ڪري سگهو ٿا * سرچ آپشن جي مدد سان مڪمل ڪتاب يا هڪ حديث ۾ مختلف لفظن ۽ مڪمل جملي ۽ حديثِ پاڪ جا عربي الفاظ، ان جا ترجما ۽ شرح ۾ الگ الگ به سرچ ڪري سگهجي ٿو * حديثِ پاڪ جو عربي متن اعراب سان گڏ ۽ بنا اعراب جي، ٻنهي طرح ڏسڻ جي سهولت رکي وئي آهي * مطالعي جا نوٽس محفوظ ڪرڻ جي لاءِ پسنديده حديثن کي Favorite ڪرڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي * مختلف فائونٽس ۽ حديثون شيئرنگ جي سهولت به ڏني وئي آهي. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هي ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪيو! پاڻ به حديثِ پاڪ جو فيضان لُٽيو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو!