Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

عَبْدُہٗ چَنْد  و چَگُوْنِ کَائِنَات                                                                                   عَبْدُہٗ رَازِ دَرْوْنِ کَائنَات

مفهوم: عَبْدُہٗ (يعني خاصُ الخاص ٻانهو) ڪائنات جي حقيقت آهي، عَبْدُہٗ ان ڪائنات جو راز آهي جو هُو نه هجن ها ته ڪائنات به نه هجي ها.

وہ جو نہ تھے تو کچھ نہ تھا، وہ جو نہ ہوں تو کچھ نہ ہو

جان ہیں  وہ  جہان  کی،  جان  ہے  تو جہان  ہے[1]

بندگي جا ڪي چند آداب

   پيارا اسلامي ڀائرو!  هتان اسان کي سبق سکڻ جي لاءِ مليو ته اسان کي عَبۡدُ الله (يعني الله جو ٻانهو) بڻجڻو آهي. انسان جو پهريون ۽ آخري رتبو هيءُ ئي آهي. تنهنڪري هن دنيا ۾ اچي ڪري اسان ڪجھ ٻيو بڻجي سگهون يا نه بڻجي سگهون، باقي صحيح معنٰي ۾ عبدُ الله ته بڻجي ئي وڃڻ گهرجي. اسان کي صحيح معنٰي ۾ عبدُ الله (الله جو ٻانهو) بڻجڻ جي لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟ هونئن ته هي هڪ پورو موضوع آهي، عالمن سڳورن هن تي پورا پورا ڪتاب لکيا آهن. باقي هتي ڪجھ ڳالهيون عرض ڪريان ٿو، اسان جيڪڏهن انهن ڳالهين کي اپنائي وٺون ته ان شاء اللہ الْکَرِیْم! صحيح معنٰي ۾ عبدُ الله بڻجڻ  ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

بندگي جا ڪجھ آداب

   (1): پهرين ڳالھ هي ته صحيح معنٰي ۾ الله پاڪ جو ٻانهو اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪثرت سان الله پاڪ جي عبادت ڪندو هجي، تنهنڪري ڪثرت سان عبادت جي عادت بڻايو! * اسان پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ۾ ادا ڪيون * نوافل به پڙهون * تهجد اشراق و چاشت ۽ اوّابين جا نوافل به ادا ڪيون * تلاوت


 

 



[1] حدائقِ بخشش، صفحہ:178۔