Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

به ڪيون * دُرودِ پاڪ به پڙهون * ڪثرت سان ذڪرُالله به ڪيون * نفلي روزا به رکون. مطلب ته وڌ کان وڌ عبادت ڪيون. (2): پوءِ ان سان گڏوگڏ هي به ضروري آهي ته پنهنجي عبادت تي نظر رکون، پاڻ کي عبادت گذار شمار نه ڪيون. عالم سڳورا فرمائن ٿا: صحيح معنٰي ۾ عبد اهو آهي جيڪو مسلسل عبادت ۾ مشغول رهي پر پنهنجي عبادت کي جَوَ جي داڻي جي برابر به نه سمجهي. بَس هميشه پنهنجو پاڻ کي گنھگار، نهايت عاجز ۽ ڪمزور ئي سمجهندا رهون. [1]

بخشش جو هڪ سبب

   عرب جو هڪ مشهور شاعر گذريو آهي: فَرَزۡدَق. هڪ ڀيري هي امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر هو. چوڻ لڳو: هن وقت بدترين ٻانهو ۽ بهترين ٻانهو هڪ جڳھ جمع آهن. ڪنهن پڇيو: بهترين ڪير آهي؟ چيائين: امام حسن بصري. پڇيو: بدترين ڪير آهي؟ فَرَزۡدَق چيو: بدترين مان آهيان. جڏهن ان جو انتقال ٿيو ته ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو: ڇا گذري؟ چيائين: مون کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويو. اعمال نامو کُليو، ان ۾ گناھ ڳڻيا ويا، هاڻي مان سوچي رهيو هيس ته مان ته هلاڪ ٿي ويس. (پر ربَّ رحمٰن جي رحمت تي قربان) ٻنهي جهانن جي پالڻهار فرمايو: وڃ! مون توکي انهيءَ مهل بخشي ڇڏيو هو جڏهن تو پاڻ کي بدترين سمجهيو هو.[2]

   سُبْحٰنَ اللہ!  مطلب ته اسان کي هي ٻئي ڪم ڪرڻا آهن: (1): عبادت به ڪثرت سان ڪرڻي آهي (2): ۽ پنهنجي عبادت کي ڪجھ سمجهڻو به ناهي. بَس الله پاڪ جي رحمت تي نظرون ڄمائي رکڻيون آهن.

اُچّے بول نہ بول ظہوری رَبّ دے بندے کہہ گئے نے

نِیْوِیں پا کے ٹُر دیاں رہنا چنگا لگدا اے


 

 



[1] تحفۃ المعراج، صفحہ:204۔

[2] تحفۃ المعراج، صفحہ:147۔