Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

هڪ محبوب ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي آهن، جن کي ربَّ ڪريم جي بارگاھ ۾ حاضري جي سعادت نصيب ٿي.

اَوج پانا مرے حُضُور کا ہے                   عرش جانا مرے حُضُور کا ہے

عرش سے بھی پرے وہ ہو آئے               آنا جانا مرے حُضُور کا ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪهڙو علم ڏنو؟ ڪيترو علم ڏنو؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جو سفر علم جو سفر هو. الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خاص قرب ۾ گهرائي ڪري ڪهڙا علوم عطا فرمايا. ڪهڙا ڪهڙا راز ٻڌايا ويا، ان جو علم ڪنهن کي به ناهي. اسان کي بَس ايترو ٻڌايو ويو آهي ته

فَاَوۡحٰۤی  اِلٰی عَبۡدِہٖ  مَاۤ  اَوۡحٰی  (ؕ۱۰)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ان پنهنجي ٻانهي کي وحي فرمائي جيڪا ان وحي فرمائي.[1]

قَصْرِ دَنیٰ کے راز میں، عقلیں تَو گم ہیں جیسی ہیں

رُوْحِ قُدُس سے پوچھئے! تم  نے  بھی  کچھ  سُنا  کہ  یُوں [2]

وضاحت: مقامِ دَنٰي (يعني الله پاڪ جي خاص قرب) ۾ ڪهڙيون راز جون ڳالهيون ٿيون، ڪهڙا ڪهڙا علوم محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ڪيا ويا، ان جي باري ۾ عقل ته گم آهي، عقل کي ته ڪجھ سمجھ ئي نه ٿو اچي، ٿورو جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام کان ئي معلوم ڪيو! اي ملائڪن جا سردار! اي وحيءَ جا امين!


 

 



[1] سيپارو: 27، سورةُ النجم: 10۔

[2] حدائقِ بخشش، صفحہ:93۔