Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

ڪري رهي آهي، دعوتِ اسلامي مسجد بڻايو تحريڪ به آهي، دعوتِ اسلامي مسجد ڀريو تحريڪ به آهي ۽ الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي ايمان بچايو تحريڪ به آهي. دعوت اسلامي اسان جي نسلن کي بچائي رهي آهي، دعوت اسلامي اسان جي ايمان جي حفاظت ڪري رهي آهي. گهر گهر ۾ نيڪي جي دعوت پهچائي ڪري گهر امن جو گهوارو بڻائي رهي آهي. اسان دعوت اسلامي جو ساٿ ڏينداسين ته ان شاء اللہ الْکَرِیْم ! هن جو فائدو اسان کي، اسان جي نسل کي ئي ٿيندو. لهٰذا همت ڪيو! دل کولي راھِ خدا ۾ خرچ ڪيو! دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو! الله پاڪ چاهيو ته دين ۽ دنيا جون برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي دين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

27 رجب جي روزي جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! روزو جسماني صحت جو ضامن به آهي ۽ روحاني صحت جو به ضامن آهي. الحمد لله! رجب شريف جو مبارڪ مهينو هاڻي پنهنجون برڪتون لٽائي رهيو آهي، نفلي روزن جي ڄڻ بهار جي موسم هلي رهي آهي، اسان کي گهرجي ته هنن بابرڪت ڏينهن مان فائدو کڻندي خوب روزا رکون، نيڪيون ڪمايون ۽ روزا رکڻ  جي فضيلت جا حقدار بڻجون. اچو! ترغيب جي لاءِ 27 رجب شريف جي روزي جا فضائل ٻڌون ٿا: حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جيڪو ستاويهين رجب جو روزو رکي، الله پاڪ ان جي لاءِ 60