Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

   سُبْحٰنَ اللہ! معراج واري رات ڄڻ امّت جي قسمت جو فيصلو ٿي رهيو هو، جيڪڏهن حُضور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڪيزه شراب جو پيالو قبول فرمائن ها ته اُمّت گمراھ ٿي وڃي ها پر اَلحَمۡدُلله! الله پاڪ اسان گنھگارن کي رحمتن واري نبي، نبين جي نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو امّتي بڻايو آهي، اسان جي ڪريم آقا، اسان جي رحيم آقا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُمّت تي ڪرم فرمايو ۽ کيرَ جو پيالو قبول فرمائي ڪري گمراهي کان بچائي ورتو.

   اي عاشقانِ رسول! هي اسان جي لاءِ سکڻ جو سبق آهي. هيءَ امّت فطرت تي قائم رهڻ واري امّت آهي. تنهنڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان فطرت تي قائم رهون. هاڻي هي فطرت ڇا آهي؟ فطرت تي قائم ڪيئن رهڻو آهي؟ فطرت تي قائم رهڻ جي اهميت ڇا آهي؟ ٻڌون ٿا:

فطرت ڇاکي چوندا آهن؟

   الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

فِطۡرَتَ اللّٰہِ  الَّتِیۡ فَطَرَ  النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبۡدِیۡلَ  لِخَلۡقِ اللّٰہِ ؕ  ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ ۙ   وَ لٰکِنَّ  اَکۡثَرَ النَّاسِ لَا یَعۡلَمُوۡنَ (ۙ۳۰)

ترجمو ڪنزالعرفان: (هي) الله جي پيدا ڪيل فطرت (آهي) جنهن تي ان ماڻهن کي پيدا ڪيو. الله جي ٺاهيل ۾ تبديلي نه ڪجانءِ. اهو ئي سڌو دين آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.[1] هن آيت ۾ فطرت مان مُراد دينِ اسلام آهي.[2] يعني فرمايو پيو وڃي ته اي انسانو! فطرت (يعني دينِ اسلام) جي پيروي ڪيو! بيشڪ تمام انسانن کي انهيءَ فطرت تي ئي پيدا ڪيو ويو آهي، هاڻي ان


 

 



[1] سيپارو: 21 الروم: 30۔

[2] صراط الجنان، پارہ:21، اَلْرُوم، زیرِ آیت:30، جلد:7، صفحہ:443۔