Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

هاءِ! افسوس! هڪ تعداد انهن ماڻهن جو آهي جيڪي ڏاڙهي شريف جهڙي پياري پياري سنّت کي ڪوڙائي ڪري نالين ۾ وهائي ڇڏيندا آهن.

اَلْاَمَان وَالْحَفِیظ...!! ياد رکو! ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽ ڪرائڻ گُناھ ۽ حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. [1]

ڏاڙهي ڪوڙيلن کان آقا جي نفرت

   روايت ۾ آهي: هڪ ڀيري ٻه ايراني آفيسر بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، اهي ٻئي غير مُسلم هئا. ان ڪري سندن ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون ۽ مڇون ايتريون وڏيون هيون جو مٿئين چپ کي ڍڪي رهيون هيون. انهن جا اهڙا چهرا ڏسي ڪري سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن نفرت کان چهرو مبارڪ ڦيري ورتو ۽ فرمايائون: توهان تي هلاڪت هجي، اهڙو چهرو بڻائڻ جو توهان کي ڪنهن چيو؟ اهي چوڻ لڳا: اسان جي ربَّ پرويز خسرو. (اَسْتَغْفِرُ اللہ! اَسْتَغْفِرُ اللہ!). ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: پر منهنجي رب الله ربُّ العالمين حڪم ڏنو آهي ته ڏاڙهي وڌايو ۽ مڇون ڪترايو. [2]

نیکیاں کر جلد تُو بدیوں سے بھاگ

قبر میں ورنہ بھڑک اٹّھے گی آگ

چھوڑ دے داڑھی منڈانا ہے حرام

ایک       مٹھی         سے         گھٹانا        ہے     حرام([3])

بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو!  اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سفرِ معراج


 

 



[1] بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:585، حصہ:16بتغیر قلیل۔

[2] مدارج النبوۃ، جلد:2، صفحہ:225 بتصرف۔

[3]...   وسائلِ بخشش، صفحہ:715 ملتقطاً۔